عام چونڊن ۾ سردارن ۽ ڀوتارن سان مقابلو ڪنداسين: قادر مگسي

حيدر آباد ( پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينئر ساٿين  ۽ ساڃاهه وندن جو مشاورتي اجلاس ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿيو،  اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن گلزارسومرو، حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، امتياز سمون، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا، اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان گذريل ٽيهن سالن جي جدوجهد ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ مجموعي  کي نئون رخ ڏنو آهي، اسان سمورن ساٿين جي گڏيل جدوجهد سان سنڌ کي ڪافي ڪاميابيون مليون آهن، ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي کان ويندي ڪالاباغ ڊيم تائين ۽ ٻٽي مڪاني نظام  کان ويندي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي تائين جدوجهد ۾ ايس ٽي پي جو اڳواڻي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪاميابي ماڻيون آهن انهن ننڍين ننڍين ڪاميابين جي ڪري ئي سنڌ ترقي پسند پارٽي اڄ به سنڌ جي ماڻهن جي اميد بڻيل آهي، اسان سنڌ مٿان مڙهيل جاگيرداري ۽ سرداري نظام کي للڪاري سنڌ کي اهو شعور ڏنو آهي جو هاڻي انهن جاگيردارن ۽ سردارن جي سامهون وچولي ۽ پورهيت طبقي جا نوجوان اليڪشن ۾ بيهي مقابلو ڪن ٿا، هن چيو ته چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي سڄي سنڌ مان پنهنجا نمائندا بيهاريندي جيڪي هنن پ پ پ جي ڇٽي هيٺ گڏ ٿيل وڏيرن ۽ جاگيردارن جو مقابلو ڪندا، ڌاري آبادڪاري خلاف مسلسل اسان آواز اٿاريندا رهيا آهيون، اسان سمجهون ٿا ته ڌارين آبادڪاري سنڌ جي لاءِ وڏي نقصانڪار رهي آهي. سنڌ ۾ افغان پناهگيرن جي واپسي کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.