سول اسپتال مڪليءَ ۾ 3 ٻارن جو موت: ٺٽو- ڪراچي قومي شاهراهه تي ڌرڻو

مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي) جيئي سنڌ محاذ ضلعي ٺٽي طرفان سول اسپتال مڪليءَ ۾ ھڪ ئي وقت ٽن معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ توڙي اسپتال ۾ سھولتن جي کوٽ خلاف سول اسپتال مڪلي جي گيٽ سامھون ٺٽو/ڪراچي قومي شاھ تي جيئي سنڌ محاذ ضلعي ٺٽي جي صدر امجد شورو، حيدر شورو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ سنڌ ڪلچرل فورم جو چيئرمين صادق لاکو پنھنجي نياڻين ڊاڪٽر حجاب فاطمه، ڪامريڊ بختاور فاطمه ۽ محرم علي پنھور سميت شامل ٿي ويو، جيئي سنڌ محاذ ضلعي ٺٽي جي صدر امجد شورو چيو ته سول اسپتال مڪلي جا انتظام جڏھن کان مرف اين جي اوز جي حوالي ٿيا آھن، تڏھن کان اسپتال شفا گھر بڻجڻ بجاء ڪوس گھر بڻجي ويئي آھي، جنھن ۾ دوائن جي کوٽ سميت ڊاڪٽر ايندڙ مريضن تي ڪو به ڌيان نٿا ڏين، انھن جي لاپرواھي ۽ غيرذميواري سبب ھڪ ئي ڏينھن تي 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، جيڪا ڏاڍي افسوس واري ڳالھه آھي، جن جي موت جي ذميوار مرف اين جي اوز آھي، ھنن گھر ڪئي ته فورن مرف اين جي اوز کان سرڪاري اسپتالن جا انتظام واپس وٺي اسپتالن کي سرڪاري نگراني ۾ ھلائي اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ کي ختم ڪري ھڪ ئي ڏينھن 3 مائرن جون جھوليون خالي ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪري عوام کي صحت جون بھتر سھولتون مھيا ڪيون وڃن، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.