حڪومت پاران پيٽروليم شين جا اسٽريٽجڪ ذخيرا وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( م ڊ ) نگران حڪومت پيٽروليم شين جا اسٽريٽجڪ ذخيرا وڌائڻ جو فيصلو  ڪيو آهي. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب حڪومت پيٽروليم شين جا اسٽريٽجڪ ذخيرا وڌائڻ جو فيصلو وچ اوڀر جي صورتحال سبب ڪيو آهي. ذريعن موجب پاڪستان پيٽروليم شين جي درآمد ڪري ٿو پر اسٽوريج جي گنجائش وڌائڻ جي اشد ضرورت آهي، پي ايس او وٽ پيٽروليم شين جا اسٽريٽجڪ ذخيرا هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت ملڪ ۾ پيٽروليم ڪمپنين کي 21 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جو ذخيرو ڪرڻ  لازمي آهي، حڪومت چاهي ٿي ته اسٽريٽجڪ پيٽروليم جا ذخيرا گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينن لاءِ هجن. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حتمي ذخيرن ۽ مدي جو تعين ملڪي ضرورتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن لاءِ حڪومت فريم ورڪ تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب اوگرا عالمي ماهرن جي مدد سان اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن بابت نئون فريم ورڪ تيار ڪندي، نئين فريم ورڪ ۾ ملڪي خام تيل، ريفائنڊ پيٽروليم جي گهرج ۽ ذخيري جو تعين ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.