ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي کارادر ۾ پوليس جعلي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي جعلي دوائون ۽ بام وڪرو ڪندڙ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇاپي دوران جعلي فيڪٽري مان گرائپ واٽر، گلوڪوز ۽ مختلف قسم جا بام هٿ ڪيا ويا. کارادر پوليس صرافه بازار ويجهو ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪندي جعلي دوائن جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي 5 جوابدارن محمد فاروق، شاهه محمد شاهه، غلام حسين شاهه، حسن شاهه ۽ مراد علي شاهه کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان جعلي دوائون ۽ بام وڪرو ڪندڙ 44 ڪارٽن پاڻي، گلوڪوز جو هڪ ڪارٽن ۽ مختلف قسم جي بام جا 8 ڪارٽن هٿ ڪيا ويا. ايس ايڇ او کارادر آغا عبدالرشيد موجب گرفتار جوابدار انگور جو پاڻي، گلوڪوز ۽ مختلف قسم جا بام تيار ڪري سڄي شهر ۾ سپلاءِ ڪندا هئا، گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جوابدارن جي ٻين ساٿين بابت ڄاڻ حاصل ڪئي پئي وڃي، پوليس کين جلد گرفتار ڪندي.