ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن کي داخلا نه ڏيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد، مٺي، سرهاڙي ، نندو ، ڳڙهي خيرو ، ڪوهستان ، ڄام صاحب، ڏهرڪي، ڊگهڙي ،نصير آباد، ميهڙ،  لاڙڪاڻو، مٽياري ۽ ٻين شهرن ۾  احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ڪراچي ۾ سچل ڳوٺ ۾ ايس ايس ٽي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ثقلين عباس ايس ايس ٽي مرڪزي اڳواڻ غلام مدثر سرڪي ، ڪيو اي ٽي اڳواڻ مقصود سومرو حسين سنڌي ۽ سياف اڳواڻ واجد حسين، جساف اڳواڻ شهباز سوهو، سنڌي شاگرد سٿ چيئرمن شاھد شر، نذير سنڌي عامر تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ مرڪزي سڏ تي نسيم نگر چوڪ تي ايس ايس ٽي مرڪزي اڳواڻ وھاب ڪنراڻي ،طارق رند ، عامر کوسو، شوڪت تنيو، آزاد ميرواهي، نظير بليدي خادم سمون، شوڪت سريوال، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مٺي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ مرڪزي صدر دانش پرمار، شاهنواز هڱورجو، وزير سميجو، پرشوتم پرمار ، سبحان بجير، زاهد گل اوٺو جي اڳواڻي ۾ بلاول پارڪ کان ڪشمير چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، نندو شھر ۾   سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان بايس ايس ٽي اڳواڻ محمد حسين درس حنيف درس هريش ڪمار شاھ نواز چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ڄام صاحب ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ  نسيم پلھ ، جمشيد منگي ، عمران شيخ ، جنيد منگي ، ارشاد شيخ ، صفر سولنگي ، جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڏهرڪي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ضلع آرگنائزر علي گوهر ملڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاج مظاهرو  ڪيو ويو، سرهاڙي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ مرڪز پاران اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ ضلع آرگنائزر غلام نبي کوسو، مرڪزي اڳواڻ صدام سنڌي،QAT ضلع اڳواڻ زين کوسو،ڪامل جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج مظاهرو ڪيو ويو، مٽياريءَ ۾   سنڌي شاگرد تحريڪ ضلع صدر زاھد حسين ميمڻ، ماجد خاصخيلي،  ظفر حسين جي اڳواڻي  ۾ ڪيو اي ٽي آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا پريس ڪلب مٽياري تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڊگهڙي  سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان  پريس ڪلب ڊگھڙي اڳيان احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي  صدر ھادي بخش ڀرڳڙي ،شيراز الطاف ڀرڳڙي ،علي رضا نوحاڻي،  عظيم نوحاڻي ،دلشاد ،سنڌي   ايس ايڇ ٽي مرڪزي صدر انور نوحاڻي ،مجيد ٻگھيو ڪئي، سنڌي شاگرد تحريڪ نصيرآباد  طرفان نصيرآباد  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو  جنهن جي اڳواڻي ايس ايس ٽي اڳواڻ عبدالحفيظ تونيو علي گوهر جتوئي انعام الله ڪانڌڙو آصف گاڏهي ڪئي، ميهڙ طرفان ايس ايس ٽي مرڪزي اڳواڻ، سلمان چانڊيو، پي آر ايس ايف اڳواڻ ياسين چانڊيو، وزير چانڊيو، ڪامريڊ جبار چانڊيو، مير حسن چانڊيو، غفار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڇنڊ اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  ڳڙھي  خيرو ۾ به سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان اميربخش جمالي فھيم لوھار راشد جمالي اعجاز جمالي دلشاد احمد عرض محمد جمالي  جي اڳواڻي ۾ سنڌ بلوچستان بارڊر ته احتجاجي  مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌي شاگرد تحريڪ ڪوھستان پاران ايس ايس ٽي مرڪزي اڳواڻ ڪامران پالاري، لياقت گبول، دلشاد خاصخيلي، زمان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو, لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ مرڪزي سڏ تي ايس ايس ٽي ضلعي صدر وفا حسين لاڙ جنرل سيڪريٽري غلام حيدر لاشاري قومي عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر سڪندر لاشاري جميل احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي يونيورسٽين  ۾ انتظاميه ۽ نسل پرست گروھن طرفان سنڌي شاگردن سان تعصباڻو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي، ڪراچي يونيورسٽي ۾ (ڪي ايس پي) پاليسي سنڌ دشمن ٻٽي پاليسي آهي، يونيورسٽي جي سمورن ڊيپارٽمينٽ ۾ ڪي ايس پي پاليسي  لاڳو ڪري در اصل ڪراچي يونيورسٽيءَ جي انتظاميه سنڌ جي مختلف شاگردن لاءِ (ڪي يو) نوگو ايريا بڻائڻ ٿي چاهي، ٻئي پاسي دائود يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر ثمرين هيستائين 13 سنڌي شاگردن کي  ريسٽيگيٽ ڪرڻ سميت 88 سنڌي ملازم برطرف ڪري چڪي آهي، ڊاڪٽر ثمرين عاصم يونيورسٽيءَ ۾ تعصبپرستي ۽ لسانيت جو ٻج ڇٽي رهي آهي جنهن جا نتيجا تمام خطرناڪ نڪرندا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪروڙن جي عيوض نوڪريون وڪڻي سنڌ مان ميرٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.