لاهور ( م ڊ ) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته نواز شريف تي ڪوڙا ڪيس آهن، هو 8 فيبروري کان اڳ قائد فاتح ٿي ويندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزه شهباز چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت بحال ٿيندي، ايندڙ حڪومت جي معاشي ايجنڊا کي ڏهن سالن جو آئيني تحفظ ملڻ گهرجي، سموريون پارٽيون معيشت کي هلائڻ تي زور ڏين. حمزا شهباز چيو ته عام ماڻهو کي تڏهن ئي رليف ملندو جڏهن معيشت جو ڦيٿو هلندو، ٻيو موقعو مليو ته ملڪ جون حالتون بهتر ڪنداسين. سياسي پارٽين کي سياسي ميدان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو حق آهي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته ليول پلينگ فيلڊ جون تقاضائون مختلف هونديون آهن، جيڪڏهن ڪنهن قوم جو پئسو لٽيو آهي ته ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي.