ڀوتارڪي نظام خلاف جدوجهد جي ضرورت

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ ۾ ڀوتارڪي ۽ جاگيرداڻي نظام خلاف سنڌ جو عام شهري ،هاري پورهيت، سول سوسائٽي، صحافي ۽ سماجي تنظيمون پنهنجي سگهه جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ رستن روڊن تي نڪري آيون آهن ۽ سراپا احتجاج بڻيل آهن. حيدرآباد لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڀوتارڪي نظام خلاف ريليون ڪڍي ڌرڻا هڻي ڀرپور احتجاج ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته جان محمد مهر، پروفيسر اجمل ساوند ،ناظم جوکيو فاطمه ڦرڙو جي بيگناهه قتل ۾ ملوث ماڻهن کي بينقاب ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي۔

سنڌ ۾ ڀوتارڪو نظام صدين کان ڳڙهه رهيو آهي۔جڏهن کان هن خطي ۾ انگريزن جي حڪمراني ڪر کنيو، تڏهن کان سنڌ ۾ ڀوتارن جي پاڙ مضبوط ٿيڻ لڳي جو انهن کي انگريزن حوصلو ڏنو، انعام طور جاگيرون ڏنيون ۽ کين اها ڇوٽ ڏني ته ڀوتار سنڌ ۾ جيڪو به چاهين ته بنا ڊپ ڊاءُ جي ڪري سگهن ٿا.انگريز ته اڳتي هلي آڻ مڃي پير ڊاهي ڀڳا پر پنجاب جا پير پختا ڪري ويا جو سڀ ڪجهه انهن حوالي ڪيائون. سموري سگهه وسيلا پنجاب وٽ  رهيا ۽ پنجاب پاڻ کي ويتر سگهارو بنائڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪرڻ شروع ڪيا جو هڪ ته وڏو صوبو هو ۽ ٻيو وفاق پنجاب جي اثر هيٺ هو هن وقت به رهندو پيو اچي۔ڪابينه ۾ به پنجاب جو وڌيڪ حصو رهيو سرڪاري مشينري يعني ڪامورا به پنجاب جا هئا جيڪي باقي ننڍن صوبن تي مڙهندا رهيا جو ون يونٽ هجڻ ڪري سنڌ سميت ننڍن صوبن ۾ ڪامورن جا پٽيوالا ۽ گهرو نوڪر به پنجاب مان ڀرتي ٿيندا هئا پر ڪم سنڌ ۾ ڪندا هئا۔

سنڌ ۾ ڀوتارن کي وڏي هٿي ۽ حوصلو تڏهن مليو جڏهن ملڪ ۾ پهرين مارشل لا لڳي ۽ ايوب خان ملڪ جو پهريون صدر بڻيو، جنهن پنهجي سياست مڙهي ۽ سنڌ جي ڀوتارن کي اڳيان ڪري کين ڪابينه ۾ وزارتون ڏنيون جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو به وزارت جو حصو بڻيو هو.ايوب خان پهريون ڀيرو بنيادي جمهوريت جو نظام آڻي ڀوتارن کي پهريون ڀيرو مقامي سطح تي وڌيڪ سگهارو ڪيو ويو کين معمول کان وڌيڪ ترقياتي فنڊ ڏئي مالي طور مستحڪم ڪيو عام بيوس شهرين جو استحصال به هن ئي دور ۾ شروع ٿيو۔سنڌ ۾ وڏي پئماني تي بدامني ۽ ڪرپشن به هن ئي دور حڪومت ۾ منهن ڪڍيو جو ڀوتارن پنهنجي واٺن کي ڌاڙيل ۽ ڏوهاري بڻائي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ خوف و حراس پئدا ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي جو رستي ويندي سفر دوران سنڌي ننگن جا زيور به ڦريا ويندا هيا جن کي ڀوتار عام رواجي ڏوهه سمجهندا هئا۔سنڌ ۾ پهريون ڀيرو رستن تي ڦر ۽ اغوا ڪرڻ جو سلسلو به ايوب دور حڪومت ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ اغوا جي پهرين واردات سيوهڻ لڳ ٽنڊو شهبازي وٽان ٿي جنهن ۾ پير صاحب پاڳاري جي معتقد نثار علي آفندي کي اغوا ڪيو ويو هو۔پنجاب ڏکيو ملهه آهي جنهن جي چالاڪي اتي ختم نه ٿي پر جيئن ايوب جي حڪومت وئي ته ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائي ملڪ جو اقتدار سنڌي ڀوتارن حوالي ڪيو ويو جنهن کي عوامي حڪومت جو نالو ته ڏنو ويو پر سگهه سنڌ جا ڀوتار ۽ وڏيرا هئا جن سنڌ ۾ انصاف بدران سنڌي ماڻهن کي ڪچلڻ جو رستو اختيار ڪيو.ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ ڪنهن حد تائين نوجوانن کي نوڪريون مليون جڏهن پنجاب ڀٽو کان ڪم وٺي مڪمل ڪيو ته کيس هڪ جڙتو ڪيس ۾ ڦاهي تي ڏياري ڇڏي.سنڌ جا ڀوتار ڪنهن به قسم جي ڪا مزاحمت ڪرڻ بدران ٻيهر آمريت کي مضبوط ڪيو.

گذريل ڪجهه سالن تي نظر ڊوڙائبي ته حيدرآباد جو صحافي الياس وارثي، سکر جو اجي لالواڻي، شڪارپور جو امير بخش بروهي، جيڪب آباد جا شاهد سومرو، ارشاد مستوئي، ذوالفقار مندراڻي ۽ نور لنجواڻي، خيرپور جا غلام اصغر کنڊ، عزيز ميمڻ ۽ سندس ڀاءُ، مشتاق کنڊ ،جيوڻ آرائين ۽ اشتياق سوڍڙو، دادو جا محمد عظيم لغاري، عبدالمجيد چانڊيو ۽ غلام رسول برهماڻي، نوشهروفيروز جو علي شير راڄپر ۽ شاهه پور جهانيان جو منير آرائين، ميرپرخاص جو زبير مجاهد ۽ سلطان محمودچانڊيو، لاڙڪاڻي جو شان ڏهر ۽ منير سانگي، سانگهڙ جا آفتاب نظاماڻي،مرتضي شر ۽ اڪبر ڪيريو، ۽ ٻيا شامل آهن ڀوتارن جي بربريت جو شڪار ٿي قتل ٿيا جن جا خون رائگان ته ويا پر  شهيدن جا ڪٽنب تباه حال آهن.

سنڌ ۾ ڀوتارڪي ۽ جاگيرداڻي نظام کي وڏي هٿي ملڻ ۾ مدي خارج هاڻوڪو سياسي نظام جو به وڏو هٿ آهي، جنهن ۾ چونڊون صاف شفاف نه ٿيڻ طاقت جي زور تي ووٽ وٺڻ ۽ حڪمراني ۾ چور دروازن کان ڀرتي ٿيل ڀوتارن جو اولاد مٽ مائٽن جو پوليس ۽ انتظامي عهدن تي فائز ٿيڻ آهي، جيڪي قانون ۽ آئين کان مٿاهان رويا رکن ٿا۔سنڌ ۾ گذريل ڏهاڪو کن سالن ۾ جان محمد مهر ۽ فاطمه ڦرڙو جهڙا بيگناه جوان ۽ نياڻيون خبر ناهي ڪيتريون ڪسيون ۽ ڪٺا هوندا جن جا خون پاڻي ۾ لڙهي ويا هوندا کين قبيلائي جرڳن ۾ آڻي انصاف کان محروم رکيو وڃي ٿو جنهن جو اهو به سبب آهي جو ڪورٽن ۾ به انصاف ملهه تي ملي ٿو مظلومن کي وقت سر ٻڌو نٿو وڃي۔پوليس ۽ انتظاميه جا ڪامورا به ڀوتارن جو رت هجڻ ڪري وري به ڀوتارن جي دانگي ڏانهن ئي وري ٿو.

سنڌ جو ڪچو هجي يا پڪو ڪاڇو هجي يا ڪوهستان هزارين محنت ڪش هاري ۽ جائداد جا مالڪ هوندا جن جي ملڪيتن تي ڀوتارن جا قبضا ٿيل آهن جيڪي به واپس انهي ڪري نٿا ٿين جو ڀوتار ۽ سندن واٺا به ڀوتار آهن جيڪي وڏي سگهه رکن ٿا، ڪير ڪڇي ته ڪٺو وڃي ٿو۔ڀوتارن جا پنهنجا نجي جيل الڳ آهن جيڪي به ڪنهن کان ڳجها ناهن جن ۾ ماڻهو قيد رکي بند ڪيا وڃن ٿا جتي مٿن تشدد ٿين ٿا۔نجي جيلن ۾ تشدد ٿيل هاري پورهيت به ملندو ته صحافي به ملندو۔ ڪجهه سال اڳ جوهي تعلقي ضلعي دادو جي ڪاڇي واري علائقي ۾ هڪ ڀوتار ٽن پيشيور صحافين زوار حاڪم علي لغاري، غلام رسول ٿهيم، پير بخش ٻٻر کي هڪ زبردستي کڻي وڃي پنهنجي نجي جيل ۾ بند رکي مٿن وحشيانه تشدد ڪرايو.ساڳي ڀوتار بعد ۾ هڪ ٻئي هاري پورهيت چاڪرڪوٽ واسي ميرل لاشاري کي به پنهنجي نجي جيل ۾ بند ڪري تشدد جو نشانو بڻايو.خبر ناهي ته سنڌ جي ٻين هنڌن تي ڪهڙو حشر هوندو.

سول سوسائٽي, صحافي, دانشور ۽ سماجي ڌريون ڀوتارڪي نظام خلاف سندرو ٻڌي اٿيون آهن ته کين سمهڻ نه گهرجي، سجاڳ رهي ڪري پوري سنڌ ۾ ڀوتارن جي ظلم ۽ انهن جي نجي جيلن کي وائکو ڪرڻ گهرجي، جتي ڪونڌر پيا ڪسجن ۽ تشدد جو شڪار پيا ٿين۔هن ڏس ۾ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي سروي ڪرائي ڀوتارن جي ظلمن جي رپورٽ تيار ڪرائي پڌري ڪئي وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.