سنڌ جي آبادگارن جا مسئلا ڪير حل ڪندو؟

تحرير: روشن علي شورو

سنڌ صوبو زراعت جي لحاظ کان بھترين اپت ڏيندڙ صوبو آھي، پر سنڌ جي ھارين ۽ آبادگارن سان سک جو ساٿ تمام گھٽ، ڏک ۽ تڪليفن جو تمام گھڻو رهيو آھي، سنڌ جي مختلف ڊويزنن حيدرآباد، ميرپورخاص، شھيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جا ھاري اڪثر پنهنجين تڪليفن ۽ ويساھ گھاتين جون دانھون پريس ڪلبن جي آڳيان احتجاج ڪري اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آھن، پر انهن جي دانهن جو ازالو نه ھئڻ برابر ٿيندو آھي، ھارين کي فصلن جي بھتر اپت لاءِ سٺو ڀاڻ، ٻج ۽ دوائون نه ٿيو ملن ۽ جڏھن فصل لھي ٿو ته مقرر ڪيل سرڪاري اگهھ به نٿو ملي، جنهن ڪري هاري ۽ آبادگار سخت معاشي بدحالي جو شڪار آهن.

آئون ھتي ھارين سان ٿيندڙ ويڌن جو ذڪر صرف حيدرآباد جي ھارين جا  اھنج محسوس ڪري لکي رھيو آھيان ته حيدرآباد جي ھارين سان ھميشه ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويندو آھي، ھاري پنهنجي ڪڙم سميت ڏينهن رات ھڪ ڪري ڪوسي ٿڌي جي پرواھ ڪرڻ بغير ھڪ فصل کي پنهنجي ٻچي وانگر سارسنڀال ڪري ٿو پر ھاري ھميشه زميندار يا واپاري جو قرضي ڇو ھوندو آھي، انهيءَ جو سبب غير معياري ۽ ملاوٽ وارا ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائون هونديون آهن، ڳرن اگھن تي ملندڙ ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائون ھارين جي چيلھه چٻي ڪري ٿيون ڇڏين ۽ جڏهن  ڦٽيون، ساريون، ڪڻڪ، گجر، مرچ، ڌاڻا، سبزيون ۽ انب، گدرا، ڇانھيون، زيتون ۽ ٻيون ميواتون ۽ فصل لھندا آھن ته انهن جو اگھه به لھي ويندا آھن ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي جي ھارين ۽ آبادگارن کي مناسب اگهھ نٿو ملي.

گذريل سال برساتن جي تباھيءَ کانپوءِ ان وقت جي سنڌ حڪومت ھارين لاءِ 5000 روپيا في ايڪڙ جي حساب سان ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ مدد ڏيڻ لاءِ پروگرام ٺاھيو، سموري سنڌ جيان حيدرآباد جي 88 ديھن مان چئني تعلقن لطيف آباد، قاسم آباد، حيدرآباد سٽي ۽ حيدرآباد ٻھراڙي سميت 74 ديھن جي سروي پڻ ڪئي وئي، ان وقت جي حڪومت جي ھارين ۽ آبادگارن کي پھريون ڀيرو ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ رليف جي پروگرام کي نه صرف ھارين ۽ آبادگارن ساراھيو، پر سياسي ۽ سماجي ڌرين پڻ ساراھيو، حڪومت پاران ڪڻڪ جي پوکائي جي مد ۾ رليف جي جاري حڪم نامي تي ضلع حڪومتن فوري عمل ڪندي سروي شروع ڪئي ۽ ھر ديھه جي ننڍي وڏي ھاري ۽ آبادگار جي ڪڻڪ پوکڻ لاءِ زمين جو جائزو پڻ ورتو ۽ ھزارين آبادگارن ۽ ھارين جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ابن ڏاڏن جي زمينن جا رڪارڊ وٺي سروي مڪمل ڪئي، ھارين ۽ آبادگارن کي حڪومتي پاليسي تحت انتظار ڪرڻ جو چيو ويو، ضلع حڪومتن روايتي سستي کي برقرار رکندي چيٽ جي  فصل مطلب ڪڻڪ جي پوکائي جي مند ۾ ڪوبه رليف نه ڏنو ويو، ھارين ۽ آبادگارن مقامي غير سرڪاري ڊيلرن ۽ وڏيرن کان قرض کڻي پنهنجي خرچي تي ئي ڪڻڪ پوکي ڇڏي، آخر ضلعي حڪومتون سجاڳ ٿيون ۽ ھارين کي پنج ھزار روپيا في ايڪڙ جي حساب سان رليف ملڻ لڳو، پر سئو مان نوي ھارين ۽ آبادگارن جا ڪارڊ نمبر جاري ڪيل ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ روينيو پاران تصديق ڪري لکڻ جي باوجود جاري ڪيل لسٽ ۾ سڃاڻپ  نمبر تبديل ھئا ۽ ڪيترن جي ايراضي سميت نالو نشان ئي نه ھيو، جنهن ڪري ڪيترا ئي ھاري ۽ آبادگار ڊگهو عرصو گذرڻ جي باوجود حڪومتي مدد کان حاصل ڪري نه سگهيا.

زرعي دوائن ۽ زرعي ڀاڻن جا اگهه  ھارين ۽ آبادگارن مٿان ھٿ ٺوڪيا مقرر ڪيا وڃن ٿا، پر فصل سرڪاري اگهه تي به نٿا ورتا وڃن، تازو ئي سرڪاري اگهه سارين جو في مڻ پنجٽيهھ سئو ۽ ڦٽين جو اگهه اٺ ھزار  روپيا مڻ مقرر ڪيو ويو ھو، پر ھر ننڍي وڏي ساريون ٽي ھزار ۽ ڦٽيون ساڍا ڇھ ھزار خريد ڪري رھيا آھن، جن کان ڪير به پڇاڻو نٿو ڪري، جڏھن ته حيدرآباد ضلعي ۾ حڪومتي مدد کان محروم رھيل ھارين ۽ آبادگارن جو انگ ھزارن ۾ آھي، پر افسوس جو انهن غريب پورھيت ھارين جي ڪو به دانهن ٻڌڻ وارو ناھي. آخر ڪيستائين حيدرآباد جي ھارين ۽ آبادگارن سان ويساهه گھاتيون ٿينديون رھنديون. آخر ڪير ھارين ۽ آبادگارن جي ڏکن جو درمان بڻجندو، ھارين ۽ آبادگارن کي ڪڏهن پوري اجرت ملندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.