لطيف کي نون نون رخن کان پيش ڪرڻ جي سٺي روايت وڌي وئي آهي:جامي چانڊيو

ڪراچي: دانشور جامي چانڊيو خطاب ڪندي پيغام ڏنو ته موهن جي دڙي جي وارث سنڌي قوم ڀٽائي کي پڪ ٿا ڏيون ته تنهنجي ست ڪروڙ ماڻهن کي تنهنجي سٽن جيان سيج تي ويھارينداسين. هن چيو ته شاهه لطيف کي نون نون رخن کان پيش ڪرڻ جي سٺي روايت وڌي وئي آهي، مجموعي طور تي اسان جو تاريخ ڏانهن رويو رومانٽڪ رهيو آهي اياز لطيف پليجو چيو ته جيئن مائرون سڀ سٺيون آھن تيئن شاعر سڀ سٺا آھن پر ھر ڪنهن کي پنهنجي ماءُ وڻندي آھي انھي ڪري لطيف به ھتي جيئن پورٽريٽ ٿيڻ گھرجي ايئن ئي ٿي پيو، لطيف ھڪ عالمي للڪار ۽ جنجھوڙيندڙ ڪردار آھي، انھي کي سنڌ تائين محدود رکڻ زيادتي آھي، ھن پروگرام جو موضوع آھي "اک الٽي ڌارڻ” جنهن جو مطلب سماج ۾ ان مثبت بغاوت ڪرڻ آھي، سوچ غير روايتي ھجڻ گھرجي. هن چيو ته شاعرن ۾ ھڪڙي ئي وقت ايتريون سٺيون ڳالهيون ڪندڙ صرف ڀٽائي آھي. ھن چيو ته عورتن جي خلاف تنگ ٿيندڙ گھيري ۾ بگھڙن کي ڍڪڻ بدران ھرڻين کي لڪايو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.