ڪوهستان ۾ مولوين پاران اين جي اوز جي عورتن تي غير محرم سان ملڻ تي بندش

ڪوهستان(م ڊ) خيبر پختونخوا جي علائقي ڪوهستان ۾ مولوين پاران اين جي اوز جي عورتن تي غير محرم سان ملڻ تي بندش وجهي ڇڏي آهي. مقامي عالمن چيو آهي ته غير سرڪاري تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي غير مرد سان ملڻ جي اجازت ناهي، ائين ڪرڻ لاءِ انهن کي مخصوص هدايتن تي عمل ڪرڻو پوندو. لوئر ڪوهستان ۾ 12 رڪني عالمن جي هڪ گروپ هڪ بيان جاري ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪا شادي شده عورت ڪنهن غير محرم سان ملي ته ان کي علائقي مان ڪڍيو ويندو، جيڪڏهن عورت غير شادي شده آهي، اها جنهن غير مرد سان ملندي،ان سان سندس شادي ڪرائي ويندي. جڏهن ته ڪوهستان جي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد بلال عالمن جي ان اعلان کي رد ڪندي چيو ته ان تي عمل ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ٻئي طرف عالمن جي ان گروپ جي ميمبر مولانا ڪريم داد پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي ”فيصله“ پوسٽ ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته پٽيشن جي اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) کي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو آهي. ڊان ڊات ڪام سان ڳالهائيندي مولانا ڪريم داد چيو ته اسان ڪوهستان ۾ غير مذهبي سرگرمين جي حمايت نٿا ڪري سگهون، اين جي اوز عورتون اهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺي اسان جي روايتن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.