آءِ پي پي اڳواڻ فواد چوڌري گرفتار، عدالت پاران رپورٽ طلب

اسلام آباد (م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فواد چوڌري کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو. فواد چوڌري جي ڀاءُ فيصل چوڌري  خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته ڀاءُ کي منهنجي اسلام آباد واري گهر مان ڪجهه وردي سان اهلڪارن سادي ڪپڙن وارن ماڻهن سان گڏجي اغوا ڪيو. هن ٻڌايو ته منهنجي اصرار باوجود انهن ڪا گرفتاري وارنٽ يا حڪم نه ڏيکاريو، مون کي ڀاءُ جي سلامتي بابت خدشا آهن.ان کان اڳ فواد چوڌري جي گهرواري حبا چوڌري دعويٰ ڪئي ته منهنجي مڙس کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، اسان کي ڪا خبر ناهي ته گرفتاري ڇو ڪئي وئي. اسلام آباد جي جڊيشل مئجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل جي عدالت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي بازيابي ۽ آزاد ڪرڻ جي درخواست ۾ پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. فواد چوڌري جي وڪيل ۽ ننڍي ڀاءُ فيصل چوڌري درخواست داخل ڪندي عدالت کي استدعا ڪئي ته فواد چوڌري کي غير قانوني حراست مان آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.