اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر کي وفاقي پوليس حوالي ڪندي کيس جڊيشل لاڪ اپ ۾ رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، بني گالا ٿاڻي جي جاچ آفيسر اسد قيصر کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جي اپيل ڪئي. جاچ آفيسر چيو ته جيستائين خيبر پختونخواهه پوليس نٿي اچي، جڊيشل ڪيو وڃي، اسد قيصر کي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪليو وڃي. عدالت جڊيشل رمانڊ جي اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌائيندي کيس اسلام آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ۽ کيس جڊيشل لاڪ اپ ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو. پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر کي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل منتقل ڪري ڇڏيو.