لاڙڪاڻو ( عبدالوحيد ابڙو ) لاڙڪاڻي شھر ۾ غير قانوني ترسيل افغانين جي موجودگي واري خبر عوامي آواز ۾ لڳڻ بعد ضلعي انتظاميا تحرڪ ۾ اچي وئي آھي. ايس ايس پي سيد عبدالرحيم شيرازي سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي ھدايت ڪندي غيرقانوني ترسيل پناهگيرن خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو آھي جڏھن ته پوليس پاران کھڙا ڪامپليڪس ۾ ڪيمپ قائم ڪئي وئي آھي. انتظاميا موجب ڪيمپ ۾ پناهگيرن کي رھائڻ بعد واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن روانو ڪيو ويندو. ان حوالي سان ضلعي انتظاميا جو چوڻ هو ته ڪارروائي کان اڳ ڌاريا ضلعي بدر ٿي ويا آھن سندن ڪاروبار به بند آھن انتظاميا موجب شھر جي داخلي توڙي خارجي رستن تي پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آھن، جتي ايندڙ ويندڙ جي جاچ پڙتال ڪئي پئي وڃي. ھوڏانھن غيرقانوني ترسيل پناهگيرن خلاف ڪارروائي شروع ٿيڻ تي سماجي ڌرين ساراھيندي چيو آھي ته انتظاميا سان ڌارين خلاف ٿيندڙ ھر ڪاروائي ۾ سھڪار ڪيو ويندو.