غيرقانوني ترسيل پرڏيهي دھشتگردي جي واقعن ۾ ملوث آهن: اياز لطيف

حيدرآباد ( پ ر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه  اياز لطيف پليجي 24 ڪلاڪن دوران دھشتگردن جي 5 حملن ۾ 28 فوجي جوان ۽  پوليس اھلڪار شھيد ٿيڻ وارن واقعن جي مذمت ڪئي آهي. اياز لطيف پليجي جو  چوڻ آهي ته دھشتگردي جي نئين لھر ملڪ خلاف وڏي سازش آھي. عالمي سامراجي طاقتون پاڪستان کي مستحڪم ڏسڻ نٿيون چاھين. دھشتگردي ۾ پرڏيھي ھٿ ملوث آھن. غيرقانوني ترسيل پرڏيهي دھشتگردي جي واقعن ۾ استعمال ٿين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته گوادر، ڊيرا اسماعيل، لڪي مروت ۽ ميان والي ۾ دھشتگردي جي واقعن ۾ شھيد ٿيلن جي وارثن سان ڏک جو اظھار ڪريون ٿا. هن چيو ته دھشتگردن جو نيٽ ورڪ ٻيھر جڙي ۽ مظبوط ٿي رھيو آھي. ادارن کي پنھنجي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ گھرجي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪرپشن ۽ دھشتگردي ھڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آھن، ڪرپٽ ماڻھن ۽ غيرقانوني ترسيل پرڏيهين خلاف قدم کنيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.