هاڻي سنڌ جي مرد جو ڪردار زوال وارو آهي: محبوب شيخ

ڪراچي: لطيف عوامي شاعر واري سيشن ۾ ڳالهائيندي محبوب شيخ چيو ته شاهه لطيف جي 7 سورمين ۾ مردن جو ڪردار به آهي، مارئي سان گڏ عمر جو ڪردار به آهي، هن چيو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي واري سنڌ جي مرد جو ڪردار زوال وارو آهي، فاطمه  ڦرڙو، پريا ڪماري ۽ ٻيا ڪيترائي ڪيس سامهون آيا آهن، ان ڪري 300 سال اڳ وارو سنڌي اڄوڪي لکيل پڙهيل سنڌي کان وڌيڪ سڌريل هو، ان تي تحقيق ٿيڻ گهرجي.

لطيف جي وائي سان ادبي ميلي جي شروعات

ڪراچي:  چوٿين لطيف آرٽ لٽريچر فيسٽيول جي شروعات شاهه لطيف جي وائي سان ڪئي وئي. شاهه جي فقيرن فقير منٺار جوڻيجو،سڪينه جوڻيجو ۽ صابره جوڻيجو وائي پيش ڪئي.

دهشتگرد پنهنجن ڪڌن ارادن سان قوم جا حوصلا ٽوڙي نه ٿا سگهن:آصف/بلاول

ڪراچي (رپورٽر )پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽اڳوڻي صدر آصف زرداري ايئرفورس بيس ميانوالي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج جي جوانن جي واکاڻ ڪئي آهي. بلاول پنهنجي بيان ۾ چيو ته رهجي ويل دهشتگرد پنهنجن ڪڌن ارادن سان قوم جا حوصلا ٽوڙي نه ٿا سگهن، پيپلزپارٽي هر دور ۾  دهشتگردن جو مقابلو ڪيو آهي. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ ملڪ مان انتهاپسندي، نفرت ۽ تقسيم جي آئيڊيالاجي ختم ڪرڻي پوندي. آصف علي زرداري چيو ته پاڪ فوج جي بهادر جوانن پنهنجي جان تي کيڏي دهشتگردن جو منصوبو ناڪام بڻايو، عوام دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پيپلزپارٽي جي وفاق کي جوڙڻ ۽ انتهاپسندي جي خاتمي واري سوچ دهشتگردن خلاف هڪ اثرائتو بيانيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.