ايمنسٽي اسڪيم نه ايندي، آءِ ايم آيف پاران ٽئڪس دائرو وسيع ڪرڻ تي زور

اسلام آباد(م ڊ) آءِ ايم آيف پاران نون ٽئڪس ادا ڪندڙن کي ٽئڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته  ايف بي آءِ ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف  کي بريفنگ ڏيندي ايف بي آر چيو ته هلندڙ سال 12 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ٽئڪس نيٽ ۾ آندو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وڌيڪ 10 لک ماڻهن جي ڊيٽا حاصل ڪئي وئي آهي، کين پهرئين مرحلي ۾ نوٽيس اُماڻي رهيا آهيون، ٻئين مرحلي ۾ سندن نالي تي رجسٽرڊ موبائيل فون سم ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويندا. ايف بي آر پاران هلندڙ سال ٽئڪس اوڳاڙي جو هدف مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ايف بي آر جي اعليٰ عملدارن آءِ ايم ايف کي يقين ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ته هو جون 2024ع تائين 90.4 ٽريلين رپين جو روينيو هدف حاصل ڪري وٺندا، ڇاڪاڻ ته جولاءِ-آڪٽوبر تائين اڳ ۾ ئي مقرر ڪيل هدف کان وڌيڪ آهي يعني 66 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا آهن. آءِ ايم ايف مشن کي اڃا تائين مڪمل طور تي يقين نه اچي سگهيو آهي ته فيڊ پنهنجو 90.4 ارب  رپين جو ٽيڪس ٽارگيٽ حاصل ڪري وٺندو، پر فنڊ جي عملدارن ڳالهين دوران پنهنجي طرفان ڪو به انگ اکر فراهم نه ڪيو. آءِ ايم ايف کان اضافي روينيو جي امڪاني مطالبي جي حوالي سان ايف بي آءِ موقف اختيار ڪيو آهي ته نگران حڪومت جي قانون واري وزارت ٽيڪس روينيو وڌائڻ لاءِ نئين صدارتي آرڊيننس جي مخالفت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.