ڪراچي: شاهه عبداللطيف ڀٽائي نوجوانن کي گهڻو اتساهيو آهي، هو سنڌين کي پيري مريدي وارو درس ڏيڻ وارو نه هو، اهڙو اظهار شاهه عبدالطيف جي پيغام بابت سيشن ۾ ڪيو ويو، اديب ۽ ليکڪ نورالهديٰ شاهه چيو ته شاهه لطيف وٽ پيري مريدي وارو ڪو به تصور نه هو، هو مرشد نه پيو ٿيڻ چاهي، نه وري هن کي مريدن جي ضرورت هئي، هن چيو ته شاهه لطيف اسان جو روحاني پير آهي، جيڪو پيري مريدي کان پري سڌريل سماج ڏسڻ چاهي ٿو. تعليمدان فهميده حسين چيو ته شاهه سائين نوجوانن کي پيغام ڏنو ته محرومين مان نڪري ماهر ٿيو ۽ اڳتي وڌو، هن چيو ته ڀٽائي جي شاعري ۾ جدوجهد ڪرڻ جو پيغام آهي.