ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کدڙن فقيرن پاران 10 نومبر تي هجڙا فيسٽيول ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه سراءِ اڳواڻن ڪامي سيد، نزهت شرين، ايڊوڪيٽ نشا رائو، ڪي ايم سي ميمبر چاندني شاھه ۽ ٻين چيو ته ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ 10 نومبر تي ٿيندڙ هجڙا فيسٽيول ۾ مختلف تنظيمون، سول سوسائٽي ۽ اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون. هنن چيو ته معاشري ۾ اسان لاءِ غلط رويا اختيار ڪيا ويندا آهن پر اسان برداشت ڪندا آهيون، هنن وڌيڪ چيو ته هجڙا فيسٽيول ۾ پاڪستان جي نوجوانن، استادن، شاگرد ۽ شاگردياڻين ۽ ٻين ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا. هجڙا فيسٽيول پاڪستان ۾ پهريون دفعو ٿي رهيو ۽ فيسٽيول ڪامياب ٿيندو. کدڙن فقيرن چيو ته هجڙا فيسٽيول محبت ۽ ڀائيچاري لاءِ آهي. جڏهن ته فيسٽيول کان اڳ اسين ڦوارا چوڪ کان آرٽ ڪائونسل تائين ريلي ڪڍي ويندي، فيسٽيول ۾ ٿيٽر پروگرام، صوفي پروگرام ۽ مختلف قسمن جا اسٽال پڻ لڳايا ويندا.