اسحاق ڊار مسلم ليگ(ن) چونڊ سيل جو چيئرمين مقرر

لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيٽر اسحاق ڊار کي پارٽي جي چونڊ سيل جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ پارٽي  سيڪريٽري جنرل احسن اقبال  نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڇنڇر ڏينهن هڪ بيان ۾ اڳوڻي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سينيٽر اسحاق ڊار کي چونڊ سيل جو سربراهه بڻائڻ سان مسلم ليگ(ن) جي چونڊ سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي ايندي. هن چيو ته پارٽي ٽڪٽ لاءِ درخواستن جي وصولي ۽ چونڊ ضابطن جي نگراني سميت سمورن لاڳاپيل معاملن کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو.

نئون پاڪستان ٽوپي ڊرامو هو،عمران صدارتي نظام آڻڻ چاهي پيو: پرويز خٽڪ

مالاڪنڊ(م ڊ) پي ٽي آءِ پارلياماني چيئرمين پرويز خٽڪ چيو آهي ته چيئرمين پي ٽي آءِ ملڪ جي سمورين پارٽين ۽  اڳواڻن کان نفرت ڪندو هو.مالاڪنڊ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو نئون پاڪستان ٽوپي ڊرامو هو، هن نظام کي تبديل ڪرڻ جي حمايت ڪئي پر سڀ نعرا ڪوڙا آهن.هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ پاڻ کانسواءِ ڪنهن کي نٿو مڃي،عمران خان آمر آهي، هو ملڪ ۾ صدارتي نظام آڻڻ چاهي پيو،هن چيو ته پي ٽي آءِ 4 سالن ۾ ڪيتري ترقي ڪئي؟ ڪٿي به انصاف ناهي، اسان چاهيون ٿا ته عوام کي سندن در تي حق ڏنا وڃن

پارلياماني جمهوريت کي ڪڏهن به ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو:حامد خان

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر وڪيل حامد خان جو چوڻ آهي ته پارلياماني جمهوريت کي ڪڏهن به ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي.اسلام آباد ۾ لٽريچر فيسٽيول ۾ جمهوريت، بيوروڪريسي ۽عدليه جي ڪردار تي ڳالهائيندي سينيئر وڪيل حامد خان چيو ته فوج، عدليه ۽ بيوروڪريسي بيٺڪي پاور لاءِ بڻايون ويون.هن چيو ته ڪرپشن کي ڪڏهن به سنجيده مسئلي طور نه ڏٺو ويو، ان کي رڳو سياست لاءِ استعمال ڪيو ويو.سينيئر وڪيل حامد خان چيو ته مڪاني ادارن مان ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ترقياتي فنڊ ڏنا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.