نوابشاهه ( ڊ ر ) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ سٺي چونڊ مهم ۽ بهترين منشور سان ميدان ۾ ايندي. اڳوڻي صدر نوابشاهه شهر ۽ تعلقي جي ڪارڪنن، عهديدارن ۽ معززين سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جا فيصلا عوام جو اختيار جي فارمولا تي يقين رکي ٿي پ پ عوامي پارٽي آهي ۽ هن هر دور ۾ عوام جي حڪمراني جو ساٿ ڏنو آهي آصف زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر بحران جي دور ۾ ملڪ کي سنڀاليو آهي. صدر آصف علي زرداري سان سيد مراد علي شاهه، غلام مصطفيٰ شاهه، ضياءَ حسن لنجار، غلام قادر چانڊيو، علي حسن زرداري، سليم رضا جلباڻي، عاشق زرداري، راشد چانڊيو، ۽ ٻيا موجود هئا.