غزا جي تباهي تي رڳو پٿر دل ماڻهو ئي خاموش رهي سگهن ٿا: روسي صدر

ماسڪو ( م ڊ  ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ ڀيرو ٻيهر فلسطين ۾ جاري اسرائيلي بربريت تي آواز اٿاريندي چيو آهي ته غزا جي تباهي تي رڳو پٿر دل ماڻهو ئي خاموش رهي سگهن ٿا. ماسڪو ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي روسي صدر  چيو ته جيڪڏهن فلسطين ۾ جاري بمباري فوري طور بند نه ڪئي وئي ته موجوده صورتحال ۾ ڏڦيڙ وڌي سگهي ٿو. ولاديمير پيوٽن چيو ته غزا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ان تي روشني وجهڻ تمام آسان آهي پر جڏهن توهان اتي رت وهيل ٻارن جون تصويرون ڏسندا آهيو ته توهان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن کي محسوس نه ٿئي ته  ان جي سيني ۾ دل نه پر پٿر آهي. روسي صدر چيو ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ڇا ٿي رهيو آهي، ان برائي جي جڙ ڪٿي آهي ۽ اها برائي ڪيئن پيدا ٿي آهي.

دهشتگردي جي تازي لهر سازش آهي: نگران گهرو وزير

اسلام آباد(م ڊ) ڊي آءِ خان پسني ۽ ميانوالي ۾ دهشتگردن جا نالا ٻيا ٻيا ضرور هوندا جڏهن ته انهن جي پويان اسان جا دشمن ساڳيا ئي آهن، اهڙن خيالن جو اظهار گهرو وزير  سرفراز بگٽي گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ ڪيو، هن چيو ته دهشتگردي جي تازي لهر پاڪستان کي  ٻيهر عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي سازش آهي جڏهن ته سول ۽ ملٽري ادارا هڪ ٿي رت جي آخري ڦڙي تائين ملڪ جو دفاع ڪندا ۽ ملڪ دشمنن کي ناڪام بڻايو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.