خيرپور/راڻيپور/ ٽنڊو مستي (نمائندن وٽان) راڻيپور ٿاڻي جي حد درازا شريف ڀرسان ڳوٺ وريو واھڻ ۾ 3 مھينا اڳ پسند جي شادي ڪندڙ ٽنڊو مستي ڦوڙي چانڊيا جي رھواسي زال مڙس کي قتل ڪيو ويو، ڳوٺ وريو واهڻ ۾ جوابدار بابو بگٽي پنهنجي 22 ورهين جي ڀيڻ لطيفان بگٽي ۽ 30 ورهين جي نوجوان بلاول کي غيرت جي نالي تي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته ناري جو ڀاءُ بابو بگٽي ڀيڻ سان ملڻ آيو ھو ۽ رات جو موقعي تي فائدو وٺندي ننڊ پيل جوڙي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، ٻنهي جي لاش رورل ھيلٿ سينٽر راڻيپور آندا ويا جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس طرفان مختلف ھنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، چئن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ايس ايڇ او راڻيپور انور علي ابڙو ٻڌايو ته بلاول چانڊيو ٽي مهينا اڳ ٽنڊومستي لڳ ڦوڙي چانڊيو جي رهواسڻ لطيفان بگٽي پسند جي شادي ڪئي هئي، گذريل رات مهمان ٿي آيو مقتولا ناري جي ڀاءُ بابو بگٽي ٻنهي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو.