ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي گلزار ھجري اسڪيم 33 پوسٽ آفيس سوسائٽي پيراڊائيز بيڪري ڀرسان جھيڙي جي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ رحمت شاھ نالي شخص قتل ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پھچي جوابدار نور شاھ کي ھٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب جوابدار مقتول جو ڀائٽيو ٻڌايو پيو وڃي، واقعو ذاتي دشمني سبب پيش آيو آهي، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.