ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته 40 هزار شاگرد متاثر ٿيا آهن. 5 طرح جا پيپر هوندا آهن، هڪ جهيڙا ناهن هوندا، هڪ پيپر ليڪ ٿيو آهي ۽ ڪراچي ۾نه پر لاڙڪاڻي ۾ ليڪ ٿيو آهي. پي ايم ڊي سي جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته 2 موبائيل فونز جي فارينزڪ ٿي جنهن ۾ ثابت ٿيو ته پيپر ليڪ ٿيو آهي، جاچ ڪميٽي ۽ صوبائي ڪابينا پي ايم ڊي سي کي چيو ته ٻيهر ٽيسٽ ٿيندي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته مڪمل جاچ ٿي آهي، اسان جي آڏو رپورٽس موجود آهن، ڪجهه غلط ٿيو آهي ته ڪجهه درست به هوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شاگردن چيو ته عدالتن مايوس ٿي ويا آهيون، عدالت اسان جي خلاف فيصلو ڏنو آهي، صوبائي حڪومت زيادتي ڪئي آهي.