ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ايس ٽي مان هيڊ ماسٽر مقرر ٿيندڙن اميدوارن کي انٽرويو فيل قرار ڏيڻ واري ڪيس ۾ ايس پي ايس سي سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. وقتي چيف جسٽس عقيل عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذارن عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته 2017ع ۾ پي ايس ٽي استادن کي آءِ بي اي ٽيسٽ جي ذريعي هيڊماسٽر مقررڪيو ويو جڏهن معاملو عدالت ۾ آيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي انٽرويو ورتو ويو ۽ بنا ڪنهن سبب جي انٽرويو ۾ فيل ڪيو ويو.