ٺل ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل پرائمري استاد ۽ سندس پٽ جا مڙهه رکي ڌرڻو

جيڪب آباد/ٺل (نمائندن وٽان) جيڪب آباد ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ڪي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد شفيق کوسو پيٽرول پمپ ويجهو اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري پرائمري استاد بنگل بنگلاڻي ۽ سندس پُٽ فاروق بنگلاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب فائق بنگلاڻي شديد زخمي ٿي پيو، پوليس موقعي تي پهچي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي جي حالت نازڪ ٻُڌائي وڃي ٿي، جڏهن ته لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل پرائمري استاد ۽ سندس پٽ جا باءِ پاس تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو آهي، پرائمري استاد بنگل بنگلاڻي ۽ سندس پٽ فاروق جا مڙهه جنازي نماز بعد باءِ پاس تي آڻي ڌرڻو هنيو ويو، مقتول استاد بنگل بنگلاڻي جي گهرواري جو چوڻ آهي ته سندس مڙس ۽ پٽ کي بااثر جي چرچ تي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس هن وقت تائين جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، انصاف ڪيو  وڃي، ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ هو ته بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌُرين وچ ۾ جاري پُراڻي تڪرار جي بنياد تي واقعو پيش آيو آهي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.