مٺي (رپورٽ:غازي بجير) مٺي ڀرسان نوجوان ليڪچرار جو گهر اندر اوطاق جي ڪمري مان لاش مليو، ڳوٺ هيلاريو پير ۾ 26 ورهين جي نوجوان ليڪچررار مهتاب راءِ ولد جعمون ميگهواڙ جو گهر اندر اوطاق جي ڪمري ۾ ڦاهو کاڌل لاش مليو، نوجوان جو لاش اچڻ واري واقعي جي خبر علائقي ۾ باهه جيئان پکڙجي وئي، وارثن لاش لاهي سول اسپتال مٺي پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش گهر نيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي هر پاسي روڄ راڙو مچي ويو، نوجوان مهتاب راءِ ميگهواڙ ڪجھه مهينا اڳ ليڪچرار جي نوڪري ملي هئي، جنهن بعد هُو صادق فقير بوائز ڊگري ڪاليج مٺي ۾ زولاجي ۾ ليڪچررار طور پڙهائيندو هو، پڙهيل نوجوان جي مبينا خودڪشي واري واقعي تي هرطرف سوال جنم وٺي رهيا آهن، خودڪشي ڪندڙ نوجوان جو والد به ايڇ ايس ٽي اُستاد آهي، پيءُ جمعون ميگهواڙ روئيندي ٻُڌايو ته پُٽ کي ڪنهن شئي جي به تڪليف نه هئي، ڪو ٽينشن يا مسئلو اسان کي نه ڪڏهن نه ٻُڌايو هو، اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني به نه هئي، سمجهھ ۾ نه ٿو اچي ته هن اهڙو قدم ڇو کنيو آهي، اسان کي جيئري ماري ويو آهي، پُٽ کي پڙهائي الاهي ڪهڙا ڪهڙا خواب سيني ۾ سانڍي رکيا هئا،مڱڻي به ٿيل هئي، مهتاب راءِ ميگهواڙ جي آپگهات تي سندن مٽن مائيٽن سان گڏ دوست، ڪلاس فيلوز ۽ ڪاليج جا اُستاد ۽ شاگرد به ڏُکارا بڻيل آهن، هوڏانهن ٻي پاسي نوجوان جي واقعي جا اصل ڪارڻ سامهون اچي ناهن سگهيا.
ٿر ۾ خودڪشين جي واقعن جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي: نند لال مالهي
مٺي (بيورو چيف)پ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صادق فقير ڊگري ڪاليج مٺي جي ليڪچرار نوجوان مهتاب راءِ ميگهواڙ جي مبينا خودڪشي واري واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٿر ۾ خودڪشين جا وڌندڙ واقعا انتهائي افسوسناڪ آهن، ٿر ۾ خودڪشين جي وڌندڙ رجحان کي روڪڻ لاءِ حڪومت انتظاميه، سياسي، سماجي اڳواڻڻ ۽ سول سوسائٽي کي تڪڙا اپاءُ وٺي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته خودڪشين جي واقعن ۾ واڌاري جو سبب واقعن جي صحيح ۽ درست رخ ۾ جانچ ۽ تحقيقات نه ٿيڻ آهي، خودڪشي جي واقعن جي جيستائين ايماندار پوليس آفيسرن جي جاچ ۽ عدالتي تحقيقات ڪرائي واقعن جا اصل سبب ظاهر نه ڪيا ويندا تيستائين خودڪشين جي وڌنڌڙ رجحان کي روڪڻ مشڪل ۽ ڏکيو آهي، هن چيو ته ٿر ۾ خودڪشين جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن جنهن جي ڪري سماج ۾ نفسياتي خوف ۽ حراس وڌنڌو ٿو وڃي، هن چيو ته مهتاب راءِ جي واقعي سميت تازو ٿيل سمورين خودڪشين جي عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي.