جيڪب آباد (ڊر) جيڪب آباد ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ 2 نارين کي قتل ڪيو ويو، ڳوٺ برڪت جکراڻي ۾ جوابدار علي نواز جکراڻي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀاڻيجي ساجده ۽ ڀائيٽي شاھه بيبي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار جي فائرنگ ۾ سندس پٽ يار محمد جکراڻي به مرڻينگ ٿي پيو، جوابدار ٻن نارين کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، بقا محمد ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي نارين جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار علي نواز جکراڻي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀائيٽي ۽ ڀاڻيجي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته فائرنگ سبب سندس پٽ زخمي ٿيڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف جاين تي ڇاپا هڻي رهيا آهيون.