غزا(م ڊ) اسرائيلي فوج ۽ حماس جي ويڙهاڪن وچ ۾ غزا ۾ شديد ويڙهه جاري آهي، ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج جي ترجمان ان کان اڳ دعوي ڪئي هئي ته ان جا فوجي حماس جي دفاعي لائن ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، حماس جي عسڪري ونگ عزالدين القسام بريگيڊ پنهنجي ٽيلي گرام چينل تي چيو آهي ته ان جي ويڙهاڪن اوڀر غزه پٽي جي علائقي ۾ هڪ اسرائيلي ٽينڪ کي نشانو بڻايو آهي رپورٽ موجب غزه جي اولهه ڪناري ۾ پڻ چڪريون جاري آهن جڏهن ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت سبب شهيد تي ويل فلسطينين جو انگ 9 هزار 61 ٿي ويو آهي، جن ۾ 3 هزار 760 ٻار شامل آهن، جڏهن ته اسرائيلي حملن ۾ 32 هزار فلسطيني شهري زخمي ٿي چڪا آهن،هوڏانهن اسرائيلي فوج اولهه ڪناري ۾ فائرنگ ڪري ٻه فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا، فلسطيني قيدين جي ڪلب موجب اولهه ڪناري ۾ 60 کان وڌيڪ فلسطيني شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.گڏيل عرب امارتن جي حڪومت غزه جي هڪ هزار فلسطيني ٻارن جو علاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي