اسلام آباد (م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ آهي ته سرڪاري سطح اليڪشن ڪميشن ڪنهن به تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته خبرون اينديون رهيون پر چيف اليڪشن ڪمشنر اڳ ۾ چونڊن جي ڪا به تاريخ نه ڏني. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ صدر کي اتفاق ڪرڻو پوندو، اهي اتفاق ڇو نه پيا ڪن. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته پاڪستان جو صدر اليڪشن ڪميشن جي ماتحت ناهي، اڄ جو فيصلو سمورين سياسي پارٽين جي فتح آهي، اسان جو هميشه اهو آواز اٿاريو آهي ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حامد خان جو چوڻ آهي ته پهرين چيو ويو چونڊون جنوري جي آخري هفتي ۾ ٿينديون، هاڻي فيبروري جو اعلان اچي ويو آهي، اسان ڪهڙي ڳالهه کي مڃون؟ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ حامد خان چيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي کي سياسي مهم کان روڪيو ويو آهي. بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال جو چوڻ آهي ته فيبروري ۾ ملڪ ۾ سخت ٿڌ پوندي آهي ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري ٿيندي آهي، ٿڌي موسم عام چونڊن جي ٽرن آئوٽ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي. ڄام ڪمال چيو ته پولنگ واري ڏينهن جي تاريخ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري هئي.