چونڊون غير يقيني واري صورتحال ۾ ٿينديون، آمريڪا جي مرضي سان اقتدار ۾ نه اينداسين: مولانا فضل الرحمان

ڪراچي ( رپورٽر ) جي يو آءِ ف پاران ٺيڙهي مان شروع ڪيل سنڌ امن مارچ مختلف شهرن کان ٿيندو ڪراچي پهتو. مولانا راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ نڪتل مارچ   ٺٽي کان ٿيندو ڪراچي جي شاهراهه قائدين پهتو جتي جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سميت مرڪزي ۽ صوبائي قيادت شرڪت ڪئي. ڪارڪنن جو وڏو انگ جلسي ۾ شريڪ هو.  جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ڪمزور ٿي چڪو آھي، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ادارا محفوظ ناھن. هن چيو ته  پگھارن جا پئسا ناھن ۽ معيشيت کي تباھه ڪيو ويو آھي. مولانا فضل الرحمان چيو ته غير يقيني واري صورتحال ۾ اليڪشن ٿيندي، سمورا چيلينجز قبول آھن. مولانا چيو ته  آمريڪا ۽ مغرب کي رت ۾ رڱيل ھٿن سان انسانيت جي اڳواڻي جو ڪو حق ناھي،  پوري دنيا ۾ امن چاهيون ٿا، اسان کي پر امن پاڪستان گهرجي. دنيا ۾ جيڪو به آزادي جي جنگ وڙھندو  انھن سان گڏ آھيون، آمريڪا ۽ يورپ اسرائيل جي حمايت ڪري رهيا آهن، اسلامي دنيا ڪٿي آھي؟ دنيا ۾ طاقت جو توازن ھجڻ گھرجي، روس ۽ چين فلسطين جي حمايت ۾ آھن ته پوءِ عملي طور ميدان ۾ اچن. مولانا فضل الرحمان چيو ته ماڻهو آمريڪا کي عالمي طاقت سمجھن ٿا،  پر ھو افغان سرزمين تان شڪست کائي نڪتو، پاڪستان آمريڪا سميت ڪنهن جي جاگير ناھي، مشرف جبر جي بنياد تي افغانستان خلاف آمريڪا جي مدد ڪئي، جي يو آءِ اقتدار خاطر ڪنهن جي آڏو گوڏا نه کوڙيندي، آمريڪا جي مرضي سان اقتدار ۾ نه اينداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته اليڪشن جو اعلان ٿي چڪو آھي،  توهان به ميدان ۾ ۽ اسين به ميدان ۾آھيون. هن چيو ته فلسطيني اسرائيل خلاف جنگ وڙھن پيا، 2018 ۾ اسان اسرائيلي ايجنٽ سان جنگ ڪئي ۽ هو اڄ جيل ۾ آھي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ھاڻي معافي واري سياست نه، آمھون سامھون مقابلو ٿيندو.اسان جھموري ماڻهو آھيون، مولانا راشد محمود سومرو چيو ته ھڪ کرب 25 ارب 89 ڪروڙ 66 لک روپيا پوليس جي بجيٽ هجڻ باوجود بدامني عروج تي آھي، تعليم جي پرائمري جي ھڪ کرب 2 ارب 34 ڪروڙ 36 لک آھي پر 60 لک ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن، مڊل جي تعليم 42 ارب، ڪاليج جي 66 ارب ۽ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن بجيٽ خرچ ٿي پر تعليم تباھه آھي صحت کاتي جي  2 کرب 14 ارب کان وڌي بجيٽ آھي پر اسپتالن ۾ بخار جي گوري نٿي ملي، 33 مارڪون حاصل ڪندڙ استادن ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي اميدوارن جو ڪيس وڙھنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.