اسلام آباد ( م ڊ ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ جو مقبول ليڊر آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ بيلٽ پيپر تي بيٽ جو نشان هوندو. صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ کي تحمل کان ڪم وٺڻ گهرجي ها، مان عمران خان جو دل سان احترام ڪريان ٿو، هن چيو ته سندس خواهش آهي ته هو سمورن سياستدانن کي گڏ ڪري، چيف اليڪشن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته مان ماضي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي آئيڊيلائز ڪندو هيم. سڪندر سلطان راجا چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ بيلٽ پيپر تي بيٽ جو نشان هوندو.