سريلنڪا کي شڪست، روهت اليون سيمي فائنل ۾ پهچندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي

ممبئي ( م ڊ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 33هين ميچ ۾ ڀارت سريلنڪا کي هڪ طرفي ميچ ۾ 302 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست  ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ممبئي جي واخنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا جي ڪپتان ڪوشل مينڊس ٽاس کٽي ڀارتي ڪپتان روهت شرما کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ڀارت مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 357 رنسون ٺاهيون، شبمن گل 92، ويرات ڪوهلي 88 ۽ شرياس آئير 82 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڀارت پاران ڏنل 358 رنسن جي ٽارگيٽ جي پويان سريلنڪن بيٽنگ لائن اپ واري جي ڀت ثابت ٿي ۽ صرف 55 رنسن تي ڍير ٿي وئي جڏهن ته روهت اليون سيمي فائنل ۾ پهچندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي. ڀارت 7 ميچون کيڏيون آهن ۽ انهن سڀني ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته سريلنڪا 7 ميچن مان صرف 2 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.