سنڌ ۾ مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ حڪومت جي ليبر کاتي گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي مان جاري ڪيل  نوٽيفڪيشن موجب سنڌ حڪومت مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا مقرر ڪري ڇڏي آهي. نوٽيفڪيشن موجب پهرين جولاءِ 2023ع کان گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا ماهوار لاڳو هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عورت مزدورن جي به گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.