فيصل سلطان پي ٽي آءِ چيئرمين کي زهر ڏيڻ جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو

راولپنڊي ( م ڊ ) شوڪت خانم اسپتال جي ڊاڪٽر فيصل سلطان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي زهر ڏيڻ جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته هن پي ٽي آءِ چيئرمين سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ جي سلو پوائزننگ جو معاملو درست ناهي، هن جيل ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ جو معائنو ڪيو، ڪجهه به نظر نه آيو، پي ٽي آءِ چيئرمين کاڌي پيتي جي شڪايت ناهي ڪئي، سندس صحت ٺيڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.