ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان چيو آهي ته آئون پنهنجي 14 سالن جي ڪيريئر ۾ 15هزار ڪيس ڏٺا آهن ۽ مون جا 4 سئوکان وڌيڪ فيصلا آهن، جيڪڏهن ڪهڙي فيصلي ۾ خامي آهي ته ان جو ذميوار مان آهيان، جيڪڏهن ڪابه غلطي ٿي آهي ته ان جي لاءِ آئون معافي گهران ٿو، سنڌهاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان جي سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان مقرري تي فل ڪورٽ ريفرنس جي تقريب کان خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ نئون ٿيندڙ چيف جسٽس عقيل احمد عباسي، سينئر جج جسٽس نديم اختر ،جسٽس شفيع صديقي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور سميت هاءِ ڪورٽ جا سمورا ججز شريڪ ٿيا، وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان چيو ته مان جيڪو به فيصلو ڪيو آهي هن ۾ الله تعالي کي حاضر ناظر رکي ڪري ڪيو آهي مان هاءِ ڪورٽ هليو ويس هيس پر وڪيلن ٻيهڙ آندو، سنڌهاءِ ڪورٽ کي هڪ بهترين چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ سينيئر جج جسٽس نديم اختر جي صورت ۾ ڏئي رهيو آهيان.