اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ايجنسي مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان غير قانوني افغانين جي بي دخلي بدران انهن جي رجسٽريشن لاءِ گڏيل مڪينزم جوڙي.
گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ايجنسي جي ترجمان قيصر خان آفريدي چيو ته افغان شهرين جي واپسي جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا ۽ انهن جي حياتين کي خطرا به پيش اچي سگهن ٿا.
افغانستان جي صورتحال تي 8 ملڪن ۽ يورپي يونين به گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته غير دستاويزي افغانين جي رجسٽريشن جو نظام تيار ڪيو وڃي ۽ تحفظ جي طلبگار افغانين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي ان حوالي سان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ٻيا ملڪ افغان پناهگيرن لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪن.
پاڪستان غير قانوني پرڏيهين جي بي دخلي بدران رجسٽريشن جو گڏيل مڪينزم جوڙي: ايو اين ايجنسي
You might also like