ڪراچي ۾ پوليس جو آپريشن، ڪيترائي غير قانوني پرڏيهي گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي ايسٽ جي سربراهي ۾ پوليس جي وڏي نفري غير قانوني پرڏيهين خلاف سائيٽ سپر هاءِ وي يثرب ڳوٺ ۾ آپريشن ڪندي ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪري ورتيون.
غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪلڻ لاءِ آپريشن جي ٻئي ڏينهن صبح سان ايس ايس پي ايسٽ عرفان بهادر جي سربراهي ۾ پوليس جي وڏي نفري سائيٽ سپر هاءِ وي جي علائقي يثرب ڳوٺ ۾ آپريشن ڪيو، ان دوران عورت پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جو وڏو انگ به موجود هو.
آپريشن دوران ڪيترن ئي رهواسين تصديق ڪئي ته هو افغاني آهن پر انهن وٽ پاڪستان حڪومت طرفان جاري ڪيل افغان نيشنل ڪارڊ موجود آهن.
پوليس تلاش ايپ ذريعي انهن جي سڃاڻپ ڪارڊن ۽ افغان نيشنل ڪارڊ جي تصديق ڪئي، ڪيترائي خاندان اهڙا به هئا، جن جي ڪارڊ جو مدو ختم ٿي ويو هو، اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن کي فيملين سميت گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته تلاش ايپ ذريعي تصديق کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو.
ايس ايس پي عرفان بهادر چيو ته بنا فرق جي آپريشن جاري آهي، حڪومت هڪ مهيني جو وقت ڏنو هو، ڪيترائي ماڻهو رضاڪاراڻي طور واپس وڃي چڪا آهن پر جيڪي ناهن ويا، انهن خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته آپريشن ان وقت ئي ختم ڪيو ويندو، جڏهن ان ڳالهه جي تصديق ٿي وڃي ته هاڻ ڪو به غير قانوني پرڏيهي موجود ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.