غزا ۾ اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جاري، شهيد فلسطينين جو انگ 9 هزار کان وڌي ويو

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي جارحيت 27 هين ڏينهن به جاري آهي جنهن دوران شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 9 هزار کان وڌي ويوآهي.
فلسطين جي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪڪن دوران اسرائيل جي وحشياڻن حملن ۾ وڌيڪ 256 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
بيان موجب 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هيل تائين 9061 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته 32 هزار زخمي آهن.
بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شهيد ٿيلن ۾ 3750 ٻار ۽ 2326 عورتون به شامل آهن.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ هو ته 2600 ماڻهو گم آهن جن ۾ 1150 ٻار به شامل آهن، وڌيڪ امڪان اهو ئي آهي ته اهي تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺ دٻيل آهن.
بيان موجب اسرائيلي هوائي حملن ۾ هر 10 منٽن ۾ هڪ ٻار شهيد ٿي رهيو آهي.
بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اسرائيل طرفان اسپتالن ۽ طبي مرڪزن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ جو سلسلو به جاري آهي.
طبي ٽيمن خلاف جنگي ڀڃڪڙين دوران هيل تائين 135 طبي ورڪرز شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته 25 ايمبولينسز تباهه ٿيون آهن.
بيان موجب غزا ۾ ڪم ڪندڙ 16 اسپتالون ۽ 32 طبي مرڪز ٻارڻ جي کوٽ يا تباهه ٿيڻ سبب بند ٿي چڪا آهن.
صحت واري وزارت جي ترجمان ترڪيه کي درخواست ڪئي ته هو ترڪ فرينڊشپ اسپتالن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ مداخلت ڪري.
واضح رهي ته ترڪ فرينڊشپ ڪينسر اسپتال تي به اسرائيل طرفان بمباري ڪئي وئي هئي جنهن سبب اسپتال جو هڪ حصو تباهه ٿي ويو ۽ ڪينسر جو شڪار ڪيترن ئي مريضن کي ان جي ڪري ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.