شاهه محمود قريشي جي جيل ۾ طبعيت خراب، اسپتال منتقل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي جيل ۾ طبعيت خراب ٿي وئي.
ذريعن موجب اڊيالا جيل ۾ قيد شاهه محمود قريشي جي طبعيت خراب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيل اختيارين شاهه محمود قريشي کي فوري طور اسپتال منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني، جنهن تي کيس پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ذريعن موجب اسپتال ۾ شاهه محمود قريشي جون ضروري ٽيسٽون ڪيون وينديون، جن کي ڏسندي کيس اسپتال ۾ وڌيڪ رکڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.
واضح رهي ته سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي خاص عدالت فرد جرم لاڳو ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.