اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ 11 فيبروري تي عام چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي.
90 ڏينهن ۾ چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي ڪهڙي تاريخ ڏني آهي؟ جنهن تي وڪيل سجيل سواتي ٻڌايو ته ملڪ ۾ عام چونڊون 11 فيبروري تي ٿينديون.
اليڪشن ڪميشن چونڊن جي شيديول بابت سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو.
وڪيل ٻڌايو ته 29 جنوري تي تڪ بندين سميت سمورا انتظام مڪمل ٿي ويندا ۽ 11 فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿينديون.
وڪيل طرفان تفصيلن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 3 کان 5 ڏينهن حتمي فهرستن ۾ لڳندا ۽ 5 ڊسمبر تي حتمي فهرستون مڪمل ٿي وينديون.
اليڪشن ڪميشن وڪيل چيو عوام جي سولائي لاءِ آچر جو ڏينهن ڳولي رهيا هئاسين، 4 فيبروري تي پهريون آچر آهي، جڏهن ته ٻيو آچر 11 فيبروري تي ٿو اچي، اسان پنهنجي طور اهو فيصلو ڪيو آهي ته آچر تي چونڊون ڪرايون وينديون.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪا به حتمي تاريخ اچي، ان کان اڳتي پوئتي نه ٿئي، اسان اليڪشن ڪميشن جو ڪم نه ڪنداسين پر انهن کي پابند ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.