ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر ٿيندي يا نه؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان وڏي خبر اچي وئي

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.
درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته 40 هزار شاگرد متاثر ٿيا، 4 ڪلاڪ پهريان پيپر کي ليڪ ڪيو ويو، سينٽرن تي پيپر 3 ڪلاڪ اڳ پهچڻ شروع ٿي ويو.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.