لاهور ( م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم ۽ ن ليگ جي صدر ميان شهباز شريف چيو آهي ته ن ليگ چونڊن سرگرمين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن عوام ۽ ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ وڙهڻداسين آهي. لاهور ۾ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر احسان الحق باوجوه شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي شهباز شريف جو چوڻ هو ته معيشت جي بحالي ۽ عوام کي مهانگائي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي، نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جو مستقبل روشن ڪنداسين، ملڪ مان مهانگائي جي اونداهي وارو دور ختم ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو ۽ فخر آهن، هو معاشي بحالي ۽ ملڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
-
ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جاري، 282 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ هڪ رپيو 3 پئسا واڌ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب ڊالر جي قيمت 282 رپيا 50 پئسا تي بند ٿي. گذريل ڏينهن ڊالر جي قيمت 52 پئسا واڌ کانپوءِ 281 رپيا 47 پئسا تي بند ٿي هئي. ٻي پاسي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪاري ڪاروباري ڏينهن رهيو. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 422 پوائنٽس جي واڌ سان 52342 تي بند ٿيو، انڊيڪس 376 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ڏينهن 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 52 هزار 451 هئي.
-
ايجنسين ، ڪجهه ميڊيا مالڪن ۽ اينڪرن جو گڏيل نيٽ ورڪ آهي:ابصار عالم
اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ميڊيا مالڪن، اينڪرن ۽ ايجنسين جو هڪ نيٽ ورڪ آهي، جنهن اداري يا شخص کان ڪم وٺڻو هوندو اٿن ته گڏجي ان تي حملو ڪندا آهن، نامياري صحافي اسد علي طور سان ڳالهائيندي اڳوڻي پيمرا چيئرمين نامياري صحافي ابصار عالم چيو ته اڄ عدالت ۾ جيڪا عزت ملي آهي اها حق ۽ سچ جي فتح آهي. جن گهر ڀاتين دوستن ۽ مائٽن منهنجي ڪري تڪليفون برداشت ڪيون اڄ عدالت انهن جو ڪنڌ فخر سان اوچو ڪيو آهي. آءُ حق تي هيس ان ڪري اڳ به ذهني طور مطمئن هئس ۽ اڄ وڌيڪ مطمئن آهيان، جن ميڊيا مالڪن، ايجنسين ۽ اينڪرن جو گڏيل نيٽ ورڪ آهي انهن جا نالا وٺڻ مناسب نٿو سمجهان.