سنڌ مان غير قانوني رهندڙ افغانين سميت غير ملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي:راشد محمود

ڪوٽڙي/جهوڪ شريف/ميرپوربٺورو (نمائندا)  سنڌ امن مارچ جو ڄامشورو ضلعي جي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي ڪوٽڙي بئراج تي جي يو آءِ جي سوين ڪارڪنن وڏي قافلي جي صورت ۾ استقبال  ڪيو. مولانا راشد محمود سومري خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هتي عوام جو مينڊيٽ هميشه چوري ڪيو ويو آهي، ڄامشوري سميت سڄي سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي ۽ سرڪاري وسيلا بنا ڪنهن جواز جي ڦريا پيا وڃن. سنڌ ۾ پوليس زمينن تي قبضن ۾ مددگار بڻجي وئي آهي، هن چيو ته صرف ڄامشورو ضلعي جي پوليس لاءِ 2 ارب 23 ڪروڙ 11 لک 49 هزار روپين جي بجيٽ هئڻ باوجود عوام عدم تحفظ جو شڪار آهي هن چيو ته جيڪي ماڻهو بغير ويزا جي ملڪ ۾ رهي رهيا آهن انهن کي فوري طور تي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي ڪوٽڙي جي صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي، حڪمرانن جي ڪرپشن سبب سنڌ جا تعليمي، صحت ۽ انتظامي ادارا تباهه ٿي ويا آهن ھن چيو ته سنڌ مان غير قانوني رهندڙ افغانين سميت غير ملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي سنڌ جو عوام جاڳي پيو آهي، جھوڪ شريف ۾ راشد محمود خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مان وڏيرن جي سياست جو جلد خاتمو ٿيندو هوڏانهن راشد محمود سومرو جي قيادت ۾ ميرپوربٺورو پهتل امن مارچ قافلي جو جي يو آئي جي مقامي اڳواڻن مولوي طفيل احمد کٽي ۽ ٻين زبردست استقبال ڪيو،راشد محمود چيو ته پرامن سنڌ جو خواب کڻي نڪتا آهيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.