راملا (م ڊ) فلسطين چيو آهي ته اسرائيل جي اختيارين جو غزه پٽي جي 2.3 ملين شهرين کي مصر جي ٻيٽ نما سينائي ۾ منتقل ڪرڻ وارو منصوبو فلسطين لاءِ ڳاڙهي لڪير ۽ نئين جنگ جي اعلان برابر هوندو. روس جي خابرو اداري مطابق فلسطين جي صدارتي ترجمان نبيل ابورودينه ميڊيا رپورٽن جي جواب ۾ چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ ماڻهن جي لڏپلاڻ خلاف ۽ انهي کي ڳاڙهي لڪير سمجهون ٿا جنهن کي اسان پار ڪرڻ نه ڏينداسين. 1948ع ۾ جيڪو ٿيو، ان کي ورجائڻ نه گهرجي،