دوحه (م ڊ) اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ قطر خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل جا غزه ۾ وڏي پئماني تي حملا ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. قطر جي پرڏيهي وزارت مطابق قطر غزه پٽي ۾ شهري هدفن تي اسرائيل جي حملن ۾ واڌ خلاف به خبردار ڪيو آهي،هوڏانهن روس اسرائيل فلسطين تڪرار کي وچ اوڀر جي ٻين ملڪن تائين پکيڙڻ جي ڪوششن کي ناقابل قبول قرار ڏنو آهي. روس جي خابروا داري جي رپورٽ مطابق روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف پنهنجي شام جي هم منصب سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ شام ۾ اسرائيل جي حملن ۾ تيزي اچڻ تي ڳالهيون ڪيون. هوڏانهن اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله 2 آمريڪي صدر جوبائيڊن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ مٿس زور ڀريو ته غزه پٽي ۾ فوري طور تي انساني همدردي جي بنيادن تي جنگ بندي ۽ جنگ جو سياسي نموني حل ڳوليو وڃي.