اٽلي جي اشتراڪي فيلسوف ۽ سياسي اڳواڻ انٽينيو گرامشي کي هڪ جج، 1926 ۾ سزا ٻڌائيندي چيو ھو ته “ھي دماغ گھٽ ۾ گھٽ 20 سال بند رھڻ گھرجي”! پو ءِگرامشي کي جج 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي، پر گرامشي سزا جي 11 هين سال ۾ ئي فوت ٿي ويو. ھن جيل ۾ 30 ڪتاب لکيا. پر ڏسڻو اھو آھي ته جج گرامشي جو دماغ ڇو 20 سالن لاءِ بند ڪرڻ پئي چاھيو؟
اصل ۾ گرامشي اشرافيه“ثقافتي تسلط” Cultural Hegemony جو نظريو ڏنو، جھنڪري اٽلي جي فسطائي آمر بينٽنو ميسولني عدالت ھٿان گرامشي کي 20 سال قيد جي سزا ڏياري ھئي. ھاڻي پھريون اسان اشرافيه ثقافتي تسلط وارو نظريو سمجھنداسين ۽ پوءِ انکي سنڌ ۾ ايندڙ سياسي، سماجي تبديلن سان ڀيٽينداسين.
1871 ۾ ننڍين ننڍين رياستن ملي ھڪ ملڪ اٽلي ٺاھيو. وجود ۾ اچڻ سان ئي، اٽلي معاشي طور ٻن حصن ڏکڻ غريب ۽ امير اتر ۾ ورھائجي ويو. گرامشي 1891 ۾ اٽلي جي ڏکڻ ۾ ايندڙ دور دراز ٻيٽ سردينيا ۾ جنم ورتو، جتي اڪثريت غريب ھارين ۽ مزدورن جي رھندي ھئي. 1921 ۾ گرامشي ٽرن يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ تي داخلا ورتي. ٽرن شھر اٽلي جي اتر جو امير صنعتي شھر ھو، جتي جا فيڪٽري مزدور باشعور ھيا ۽ احتجاجن ۽ ڌرڻن ذريعي پنهنجا حق حاصل ڪندا ھيا. گرامشي کي ٽرن جي مزدور هلچل تمام گھڻو متاثر ڪيو، پر ٽرن اچڻ کان اڳ ئي سردينيا ۾ هن جو سياسي لاڙو مارڪسزم ڏانهن لڙي چڪو ھو.
گرامشي يونيورسٽي تعليم اڌ ۾ ڇڏي صحافت ۽ سياست شروع ڪئي. ۽ ٿوري وقت ۾ ئي اٽلي جي ڪميونسٽ پارٽي جو سربراھ ٿي ويو. ڪارل مارڪس 18 صدي جي وچ ڌاري سائنسي ڪميونزم جو نظريو ڏنو ھو، جنھن مطابق انساني تاريخ اصل ۾ طبقاتي جنگ جي ئي تاريخ آھي. ان جنگ ۾ اشرافيه طبقو، يعني امير طبقو، غريب طبقي جو پئسي ۽ رياست جي زور تي استحصال ڪري ٿو. پر گرامشي ان ئي ڪميونزم مان ھڪ ٻيو ثقافتي تسلط وارو نظريو پيش ڪيو، جنھن مطابق اشرافيه طبقو سول سوسائٽي ذريعي غريب طبقي جو استحصال ڪري ٿو.
گرامشي اصل ۾ چرچ (مذھبي پيشوا)، اسڪول، ڪاليج، ۽ يونيورسٽي استاد، ميڊيا ۽ روايتي دانشورن کي سول سوسائٽي جو نالو ڏنو. ۽ ھن جي ثقافتي تسلط واري نظريي مطابق ته اشرافيه طبقو ــ جيڪو يا ته پاڻ حڪمران طبقو ھوندو آھي يا وري حڪمران طبقي جو ساٿي ھوندو آھي ــ پنھنجا نظريه، بيانيه، سوچ ۽ راءِ جوڙيندو آھي، جنھنکي ھو اشرافيه طبقي جي ثقافت سڏي پيو. ھاڻي گرامشي واري ثقافتي تسلط واري نظريي مطابق ته اشرافيه طبقو سول سوسائٽي ذريعي پنھنجي سوچ، بيانيه، نظريه ۽ راءِ غريب طبقي تائين پھچائيندو آھي ۽ سول سوسائٽي ذريعي غريب طبقي جي ذھنن ۾ اھا ڳالهھ ويھاريندو آھي ته اھا اشرافيه طبقي واري سوچ، نظريه، بيانه ۽ راءِ کي پنھنجي سوچ، راءِ، نظريو ۽ بيانه ڪري سمجھن. ھاڻي پو جڏھن غريب طبقو اشرافيه طبقي جي سوچ، راءِ، بيانه ۽ نظرين کي پنھنجو ڪري سمجھندو آھي ته پو غريب طبقو اشرافيه طبقي مخالف مزاحمت ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آھي. يعني ثقافتي تسلط واري نظريي مطابق مذھبي طبقو، تعليمي نظام، روايتي دانشور ۽ ميڊيا اشرافيه طبقي جي لاءِ ھٿيار طور ڪم ڪندا آھن ــ يعني اھا سول سوسائٽي اشرافيه طبقي لاءِ دلال جو ڪم ڪندي آھي.
گرامشي اشرافيه جي ثقافتي تسلط واري نظريي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پنھنجو ھڪ الڳ نظريو ڏنو جنھن مطابق ته غريب طبقو اشرافيه ميڊيا، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي تعليمدان ۽ خاص ڪري ڪليسا (مذھبي طبقي) جي ڏسيل رستي کي غلط ڀٽڪائيندڙ رستو سمجھي انکان انڪار ڪري ۽ انھن جي ڏسيل رستي جو مخالف نظريو جوڙي، جيڪو نظريو اشرافيه مخالف مزاحمت وارو نظريو ھجي. حقيقتن، گرامشي جو اھو اشرافيه ثقافتي تسلط ۽ اشرافيه ثقافتي تسلط مخالف نظرين جو اثر ايترو جاندار ھو جو ان علم سياست، علم معاشيات، عمرانيات ۽ وغيرھ تي ڪافي گھرو اثر ڇڏيو.
ھاڻي اسان ڏسنداسين ته ڇا سنڌي سماج جي سوچ ۾ ڪي اھڙيون سياسي تبديليون اچي رھيون آھن جيڪي گرامشي جي ڏنل نظريي سان ھمڪنار ٿين ٿيون. سنڌي سماج ۾ مذھبي ڌريون، جنھن کي گرامشي اشرافيه طبقي جو دلال سڏيو آھي، بلڪل رد ٿي چڪيون آھن. جيڪڏھن اسان سنڌي سماج جي ويجھي ماضي جي سياسي لاڙن تي نظر ڊوڙائينداسين ته اسانکي اھو واضح نظر ايندو ته سنڌي عوام مذھبي سياسي جماعتن کي وڏي پئماني تي ناپسند ڪيو آھي. ان جو سبب اهو ئي آھي ته سنڌ جو عوام مذھبي ڌرين کي ايئن اشرافيه طبقي جو ساٿي ۽ ايجنٽ ٿو سمجھي جيئن گرامشي عيسائي ڪليسائي پوپن کي اشرافيه جو ساٿي ۽ ايجنٽ سمجھندو ھو. واضع رھي ته مسجد ۽ مدرسي وارين مذھبي ڌرين سان گڏوگڏ درگاھي پير به سنڌ ۾ ناپسند ڪيا وڃن ٿا.
مذھبي طبقن کان سواءِ، سنڌي عوام نام نھاد قومي ميڊيا تي به بلڪل يقين نه رکندو آھي. سنڌي ماڻھو قومي ميڊيا جي وڏن وڏن چينلن تي ويٺل تجزيه نگارن کي ڪا چڱي اھميت ڪون ٿو ڏي. حقيقت ۾وڏا وڏا نام نھاد قومي چينل اشرافيه طبقي جي ملڪيت آھن، جيڪي اشرافيه طبقي جي سوچ ۽ مفاد جي ئي پرچار پيا ڪندا آھن، جنھن کي غريب طبقو ٻڌي ٻڌي، ان امير طبقي جي سوچ ۽ مفاد کي پنھنجي سوچ ۽ مفاد ڪري اپنائيندو آھي.
آخر ۾ اسان جيڪڏھن استاد لڏي ــ يعني دانشور طبقي ــ جي ڪم تي نظر وجھنداسين ته اسانکي چٽو پٽو نظر اچي ٿو ته انھن جي ڪم کي به ڪا سنڌي سماج سٺي اھميت نه ڏني آھي. ھڪ پروفيسر سالن جا سال لڳائي ھڪ پي ايڇ ڊي مقالو لکندو آھي، ۽ انکانپوءِ تحقيقي جنرلن ۾ ويھه ويهھ ٽيھه ٽيهھ پيپر ڇپرائيندو آھي پر پو بي ھن جو ڪم عوام ۾ مقبوليت ماڻي نه سگھندو آھي. ھن وقت تائين، سواءِ چند تعليمدانن جي باقي اسانکي يونيورسٽي جو ڪو ورلي پرفيسر ملندو جنھن جون لکڻيون سنڌي سماج جي سوچ متاثر ڪري سگھيون ھجن. اڪثريت جي لکڻين کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلايو ويندو آھي. ان جو سبب اهو ئي آھي ته معلم طبقو غريب ماڻھن جي حساس مسئلن تي پڙھڻ، پڙھائڻ، لکڻ ۽ ڳالھائڻ کان ايئن ٿو وڃي جيئن ڪانوءُ ڪمان کان!
ھاڻي جيئن گرامشي چئن طبقن مذھبي ماڻھن، استاد لڏي ، ميڊيا ۽ روايتي دانشور طبقن کي ايئن چئي ننديو آھي ته اھي اشرافيه طبقي جا ڌٻڻ آھن ۽ انھن کان عام ماڻھون کي دور رھڻ گھرجي، ته اسانکي سنڌ جو ماڻھو به حقيقتن انھيءَ اشرافيه جي دلال لڏي کان ڪافي دور نظر اچي ٿو!
گرامشي اشرافيه جي ثقافتي تسلط واري نظريي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پنھنجو ھڪ الڳ نظريو ڏنو جنھن مطابق ته غريب طبقو اشرافيه ميڊيا، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي تعليمدان ۽ خاص ڪري ڪليسا (مذھبي طبقي) جي ڏسيل رستي کي غلط ڀٽڪائيندڙ رستو سمجھي انکان انڪار ڪري ۽ انھن جي ڏسيل رستي جو مخالف نظريو جوڙي، جيڪو نظريو اشرافيه مخالف مزاحمت وارو نظريو ھجي. حقيقتن، گرامشي جو اھو اشرافيه ثقافتي تسلط ۽ اشرافيه ثقافتي تسلط مخالف نظرين جو اثر ايترو جاندار ھو جو ان علم سياست، علم معاشيات، عمرانيات ۽ وغيرھ تي ڪافي گھرو اثر ڇڏيو.