سياسي جماعتن جا عوامي نعرا جيڪي کوکلا ئي ثابت ٿيا!

تحرير: رياض ابڙو 

ڪجهه به هجي پر سوال اهو آهي ته توهان ڪيو ڇاهي يا هن مهل تائين ماڻهن ۾ ڊليور ڇا ڪيو آهي، پنهنجي ڪهڙي نعري جي آبياري ڪئي اٿوَ، پنهنجي ڪهڙي ڳالهه پوري ڪري ڏيکاري اٿوَ جنهن مان سمجهون ته توهان جي پرفارمنس ڀلي آهي يا توهان ماڻهن جي ڀلي جي ڳالهه ڪئي مثال 1997ع ۾ نواز شريف جي نعري جي ڳالهه ڪيون ته ” قرض اتارو ملڪ سنوارو“ کانپوءِ ڇا واقعي ملڪ تان قرض لهي ويو، شهباز شريف جي نعري واري ڳالهه تي ته مان پنهنجا ڪپڙا وڪڻي به ماڻهن جي اٽي جي پورت  ڪندس يا عمران خان جي ڳالهه ته آءِ ايم ايف ڏي وڃڻ کان اڳ مان خودڪشي ڪندس يا پ پ وارن جي ڳالهه ته ٻوڏ متاثرن جي ڪهڙي واهر ڪين ، جي ڪئي اٿن ته ماڻهو انهن  سڀني کي ووٽ ڪندا ان ڪري هڪڙومثال ٿا وٺون ته عام ملازم جيڪو سڄو سال محنت ٿو ڪري ته اهو به پنهنجي پرفارمنس  تي ڀاڙي باس جي آڏو پنهنجي پگهار ۽ انڪريمينٽ جي گهر ڪندو.معنيٰ پهرين پرفارمنس ڏيو پهرين ڪو ڪيو پهرين ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪيو پوءِ ڳالهه ڪيو ته توهان کي عام خلق ووٽ ڪري يا نه ڪري.

طيب اردگان کي ڏسو ته هو شروعاتي طور تي ميئر جي چونڊن ۾ بيٺو هن ماڻهن کي هڪ ماڊل جي طريقي سان ڪم ڪري ڏيکاريو ماڻهن ۾ ڊليور ڪري ويو ته ترقي ۽ ايمانداري ۽ سياست ڇا ٿيندي آهي ۽ ماڻهن به ڏٺو ته هي جيڪو چئي ٿو اهو ڪري ٿو. هن ماڻهوءَ ۾ ڪرپشن جي عادت ناهي يا ماڻهوءَ ۾ ڪا بي ايماني ناهي،. هن ماڻهوءَ جي جيڪا به ڳالهه آهي اها سچي، کري ۽ ايمانداري تي ٻڌل آهي ان ڪري هي جيڪو چئي ٿو اهو ڪري به ٿو ان ڪري هن ماڻهن جي پهرين خدمت ڪئي، ماڻهن جي اهنجن جو علاج ڪيو. ماڻهن کي لڳو ته هن وٽ اهو دارون آهي جنهن انهن کي ضرورت آهي ان ڪري ماڻهن به هن جي آڏو اهي سڀ سچايون ميڙي رکيون جو 18 جولاءِ 2016ع ۾ ترڪيءَ جا ماڻهو فوجي ٽينڪن جي آڏو ليٽي پيا ۽ عسڪري ادارن کي هلان ڪرڻ نه ڏنو ان ڪري ته اهي سمجهن پيا ته هن ماڻهو ترڪش قوم کي پنهنجي رت ست ۽ سچائي ڏني آهي ان ڪري ڪير به هن ماڻهوءَ کان ڪرسي نه ٿو کسي سگهي يا ماڻهو سڀ يڪراءِ هيا ته فوج نه کپي ۽ طيب اردگان کي ڪير به ڪرسي کان الڳ نه ڪري سگهيو.

ان ڪري اسان به ساڳي ڳالهه ٿا ڪيون ته انهن سڀني حڪمرانن ڪهڙيءَ شئي ڊليور ڪئي آهي جيڪا ماڻهو ڳڻي سگهن يا ماڻهو سمجهن ته عمران خان کان نواز شريف ڀلو آهي يا نواز شريف کان زرداري ڀلو آهي. آخر ڪهڙي ڳالهه ڳڻيون؟ اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ ووٽ علائقائي اثرن ۽ جاگيردارن جي چنبي ۾ رهندو آيو آهي يا جيڪي به سرمائيدار آهن جيڪي به اثر رکندڙ وڏيرا شاهه ۽ سيد آهن انهن جو پنهنجو پنهنجو راڄ ڀاڳ آهي انهن ڪڏهن به پنهنجي پنهنجي راڄ ڀاڳ مان ڌوڪو ناهي کاڌو ۽ انهن کي جيڪي به ووٽ ملندا رهيا آهن اهي ئي ملندا آيا آهن انهن کي سالن کان وٺي انهن جي تڪن جي ماڻهن مايوس ناهي ڪيو انهن کي سدائين کٽرايو.

هاڻي ڳالهه اها آهي ته سياسي پارٽين جي ماڻهن جي ڀلائي جا ڪم ڪيا هوندا ته اهي ماڻهو جيڪي سوشل ميڊيا تي ويٺا آهن اهي ماڻهو جيڪي سوشل پروپيگينڊا ڪري ڄاڻن انهن ماڻهن جي ذهنن ۾ انقلاب ويٺا آهي ماڻهو حق سچ چئي ٿا ڏين پر پارٽيون جيڪي عام خلق جي حق ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪنديون آهن ڇاڪاڻ ته اهي جاگيردار ۽ سرمائيدار صرف پارٽين سان سچا آهن يا پنهنجا پنهنجا مفاد کڻي عام ماڻهن جو ووٽ کپائيندا رهن ٿا اهي ماڻهو جيڪي ڪڏهن پ پ ۾ ته ڪڏهن پي ٽي آءِ ۾ ته ڪڏهن نون ليگ ۾ رهندا ايندا آهن. انهن ماڻهن کي پڪ هوندي آهي ته جيڪا به پارٽي هن دفعي مرڪزي سرڪار جوڙيندي هي انهن کي ووٽ ڪندا ۽ عام خلق پوءِ انهن جي پويان يا عام خلق ڪڏهن اهو ناهي ڏٺو ته هاڻي نيب جي قانونن ۾ ڦير ڦار آئي آهي يا پ پ جا ڪجهه ماڻهو ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ٻڌجي ويندا ته اهي پنهنجي پنهنجي علائقي مان اليڪشن هارائي ويندا پر ايئن ڪڏهن به ناهي ٿيو ته ماڻهن انهن کي انهن جي اهڙن ڪمن يا ڪڌن ڪمن يا ڪرپشن جي ظاهر ٿيڻ يا الزام جي صورت ۾ ووٽ نه ڏنو هجي.

آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽ هجن يا ريپبلڪين پريزيڊنٽ هجن پر انهن جي پارٽيءَ جا سلوگن اهي هوندا آهن ته اهي آمريڪا عام شهرين کي ڪهڙا حق ۽ نعرا ڏيندا يا انهن جون اندروني يا بيروني پاليسيون ڪهڙيون هونديون ۽ اهي سڀ ڳالهيون ڪري ڏيکاريندا آهن يا انهن جي نعري ۾ اهي سڀ ايجنڊائون به شامل هونديون آهن ان ڪري اسان جي عام خلق ۽ سياستدانن ۾ به اهو افعال ناهي هوندو ته اهي ڪڏهن اهڙي ڳالهه ڪن ته اهي هاڻي اهڙي ڳالهه ڪندا جنهن ۾ ذخيرا اندوزن خلاف ڪارروايون ڪندا، اهي ڪرپشن کان فري ملڪ جوڙيندا، اهي نوڪريون ڏيندا، اهي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيندا اهي امن امان قائم ڪندا اهي انڪروچمينٽ ختم ڪندا اهي شهري ڪرائيم ۽ ڪچي پڪي ۾ آپريشن ڪرائيندا يا اهي اهڙا ڪم ڪندا جنهن ۾ ماڻهن جي زندگي عذاب نه بڻجي پر ڳالهه اها به آهي ته اهي جيڪي به پارٽيون هجن ٿيون اهي سڀ فيوڊل لارڊ جي ڪلهن تي ٿيون اچي اهي ڀلا ڪچي ۽ پڪي ۾ آپريشن ڇو ڪنديون اهي طالبان جي نيڪاليءَ جون ڳالهيون ڇو ڪنديون اهي ته رهندو هيومينيٽيرين گرائونڊ تي انهن سڀني وطن دشمنن جي پناهه پشتي ڪنديون جيئن هاڻي ايم ڪيو ايم ڪئي ته جيڪي به بلديا فيڪٽري ۾ سڙي مئا اهي انسان نه هئا پر جن انسانيت سوز عمل ڪيا جن باهيون ڏنيون جن ماڻهن کي بند ڪري ساڙي ماري ڇڏيو جن 300 ماڻهن جو خون ڪيو اهي هنن جا ساٿاري هيا ۽ هاڻي هي به انهن جي پوئواري ڪندا ساڳي ڳالهه ملان مولوي به ڪن ٿا ته جيڪي به طالبان ٽائيپ شوريٰ آهن جنهن ۾ پشاور، ڪوئٽا ۽ وزيرستان وغيره اهي سڀ انهن مولانا ۽ مولوين جي آشيرواد سان هلن ٿا اهي سڀ انهن جي حمايت ڪندا ۽ ڪڏهن به مخالفت نه ڪندا ايستائين جو اهي سڀ انهن طالبان ٽائيپ ڌڙن جي عام معافي جي به ڳالهه ڪندا.

اسان ته رڳو پ پ تي تنقيد ٿا ڪيون ته انهن ڪجهه ڊليور ناهي ڪيو يا ڳوٺن ۽ وستين واهڻن کي سينگاپور ناهي بڻائي سگهي، ٻوڏ ٿي اچي ته ڪئنالن جا بند به ٽٽي ٿا پون جو انهن لاءِ رکيل پيسا ڪرپشن جي نذر ٿي ٿيا وڃن يا اهي سڀ آفيسر سرڪاري بجيٽون ڳڙڪائي ٿا وڃن اهي عام خلق جا ڪهڙا ڪم ڪندا ڀلا پي ٽي آءِ ڪهڙا ماکيءَ جا درياهه وهايا جو انهن جي دور ۾ ڪووڊ جا ڪلور به هيا ته مٿان 27 آگسٽ 2020 ۾ شهري ٻوڏون به آيون پر 1300 ارب اعلان ڪرڻ کانپوءِ عمران ڪڏهن وري ڪراچي شهر ۾ پير نه پاتو يا جولاءِ 2022 واري ڪچي جي ٻوڏ ۾ سکر ٽپي نه آيو، يا نوازشريف کي رڳو لاهور ياد هوندي آ.

ان ڪري وري اها ئي ڳالهه آهي ته پهرين ماڻهن جي خدمت ڪيو ماڻهن کي صاف پاڻي، صحت، تعليم ۽ سيڪيورٽي مهيا ڪيو، ماڻهن ۾ اها پڪ ڪرايو ته جيڪي به قومي دولتون آهن اهي وري به عام خلق جي فائدي ۾ استعمال ٿينديون.

ڪجهه به هجي پر سوال اهو آهي ته توهان ڪيو ڇاهي يا هن مهل تائين ماڻهن ۾ ڊليور ڇا ڪيو آهي، پنهنجي ڪهڙي نعري جي آبياري ڪئي اٿوَ، پنهنجي ڪهڙي ڳالهه پوري ڪري ڏيکاري اٿوَ جنهن مان سمجهون ته توهان جي پرفارمنس ڀلي آهي يا توهان ماڻهن جي ڀلي جي ڳالهه ڪئي مثال 1997ع ۾ نواز شريف جي نعري جي ڳالهه ڪيون ته ” قرض اتارو ملڪ سنوارو“ کانپوءِ ڇا واقعي ملڪ تان قرض لهي ويو، شهباز شريف جي نعري واري ڳالهه تي ته مان پنهنجا ڪپڙا وڪڻي به ماڻهن جي اٽي جي پورت  ڪندس يا عمران خان جي ڳالهه ته آءِ ايم ايف ڏي وڃڻ کان اڳ مان خودڪشي ڪندس يا پ پ وارن جي ڳالهه ته ٻوڏ متاثرن جي ڪهڙي واهر ڪين ، جي ڪئي اٿن ته ماڻهو انهن  سڀني کي ووٽ ڪندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.