ملير ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو ۽ حڪمرانن جي بي حسي

ٻه  ڏينھن اڳ ڪراچي جي ملير ضلعي ۾ ھڪ  لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو آھي. جنھن ڪيترن ئي اکين ۾ ڳوڙھا آڻي ڇڏيا آھن. توڙي جو ھيءُ واقعو پنھنجي نوعيت جو ڪو نئون ناھي، سنڌ توڙي پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ ان قسم جا ڪيئي واقعا اڳ ۾ به پيش اچي چڪا آھن، پر ان قسم جا ڏکوئيندڙ واقعا جھنجھوڙي ڇڏيندا آھن.  ھيءُ  ھڪ اھڙو ڏک آھي جنھن جي پيڙا ھر ڀيري تازي ھوندي آھي، ڇو ته ان قسم جا واقعا سماجي حالتن کي ظاھر ۽ سياستدانن جي دعوائن کي ڌوڙ  ڪندا رھن ٿا.

خبر موجب گھگھر ڦاٽڪ ويجھو قادر نگر جي رھواسڻ نورجھان سومرو غربت کان تنگ اچي پنھنجي ٻن معصوم ڌيئرن سميت زھر کائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ۾ سندس ابھم ڌي صنم فوت ٿي وئي آھي، جڏھن ته ناري نورجھان ۽ ڇھين ورھين جي معصوم حرا زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آھن.

اصل ۾ سرمائيداراڻي نظام غريب ۽ پورھيت طبقي جا لاھ ئي ڪڍي ڇڏيا آھن. سندن جيئڻ جا ھڙئي گس ڏينھون ڏينھن سوڙھا ڪيا پيا وڃن. ھن ملڪ جي اشرافيه جا پيدا ڪيل ھٿرادو مسئلا ماڻھن کي مرڻ تي مجبور ڪري رھيا آھن، ڇو ته سندن آمدني جا وسيلا محدود ۽ خرچ وڌندا پيا وڃن. سنڌ ۾ ھارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سارين جو فصل لھڻ شرط ئي سارين جي اگهھ ۾ ھڪدم ٻه ھزار کان پنجويهھ سئو رپين جي گھٽتائي اچي وئي آھي، جيڪي ٻاويهھ کان پنجويھه سئو رپين ۾ وڪرو ٿي رھيون آھن، جڏھن ته پنجاب ۾ پنجيتاليهھ سئو رپين ۾ سارين جو في مڻ وڪرو ٿيو ھو.  سرمائيداراڻي نظام ھڪ ماءُ  کي به قاتل بڻائي ڇڏيو آھي، اھا ڳالھه نھايت ئي ڏکائيندڙ ۽ اچرج ۾ وجھندڙ آھي.

ماءُ ! جي رشتي کي دائمي حيثيت حاصل آھي ، جا  ڪڏھن به گھٽ ناھي ٿيڻي. ماءُ ! جيڪا پاراتي ۾ به پنھنجي اولاد کي دعا ڏيندي آھي ۽ مٿن ڪک به ناھي سھندي.ھڪ ماءُ  جو نعم البدل ٻي ماءُ  به بڻجي ناھي سگھندي. ڀل اڄ جون ڪي مائرون پنھنجي ٻچڙن کي ٿڃ نه پيارينديون ھجن، پر اھي به انھن کي پنھنجي سيني سان لڳائڻ ۽ ساڻن پيار ڪرڻ کان سواءِ رھي نٿيون سگھن ۽ انھن مان ڪا ماءُ  غربت سبب پنھنجي ٻارن کي قتل ڪري ته باقي ڇا بچيو؟

سماجي اڻ برابري، سفارش ڪلچر، منافعي خوري ۽ ھٿرادو پيدا ڪيل مھنگائي پورھيت طبقي لاءِ  وڏا ڏچا پيدا ڪري ڇڏيا آھن ۽ ھيٺين طبقي جا ماڻھو مرڻ تي مجبور ٿي پيا آھن، جيڪي فراريت جي راهه اختيار ڪرڻ لڳا آھن. جنھن کي روڪڻ لاءِ  حڪومت ۽ انساني حقن لاءِ  جاکوڙ ڪندڙ ادارن کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.جيتوڻيڪ تازو نگران حڪومت اعلان ڪيو آھي ته عام ملازمن جي پگھار گھٽ ۾ گھٽ ٻٽيھه ھزار رپيا ڪئي وڃي، پر ان قسم جا ڪيئي اعلان اڳ ۾ پڻ ٿي چڪا آھن، جنھن تي عمل ڪرائڻ ۾ اعلان ڪندڙ ناڪام ٿيا. ضرورت انهن اعلانن تي عمل ڪرائڻ جي آهي.

سنڌ سميت پاڪستان ۾ اڄ به ڪيئي خانگي ادارا ۽ ڪمپنيون پنھنجي ملازمن جو استحصال جاري رکيو پيا اچن.  جيڪي کانئن گھٽ اجرت تي وڌيڪ ڪم وٺي رھيا آھن. ان معاملي ۾ سڀني کان وڌيڪ سيڪيورٽي ڪمپنيون اڳڀريون آھن، جيڪي  گھٽ پگھار تي گارڊن کان ٻارنھن ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرائن ٿا. ياد رھي ته اھي سڀئي ڪمپنيون رجسٽرڊ ھجڻ جي باوجود به کانئن ڪير پچڻ جي جرئت نٿو ڪري،ڇا ڪاڻ ته انھن جا مالڪ وڏن عھدن تان رٽائر ڪيل ۽ پھتل ماڻھو آھن.

ملڪ ۾ روزگار جا موقعا وڌائڻ ۽ روز مره جي استعمال ايندڙ شين کي سستو ڪيو وڃي ته جيئن ڪا به ماءُ  پاڻ کي ٻچڙن سودو مارڻ تي مجبور نه ٿئي.

  • پوليس جا ڪوڙا مقابلا ۽ سياسي ڪارڪن تي تشدد

نواب شاهه پوليس سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اعلانيل ھڙتال کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي نه رڳو سياسي ڪارڪنن مٿان بدترين تشدد ڪري کين گرفتار ڪيو آھي، پر انھن جي ڏاڍ کان مائرون ۽ سندن معصوم ٻارڙا به بچي نه سگھيا آھن، نوابشاهه پوليس جي ان عمل آمريت جي دور جي ياد تازا ڪري ڇڏي آھي.

ياد رھي ته ڪجھه  ڏينھن پھريان ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريي جي نوجوان ڀاءُ سلمان ڪيريي کي نواب شاھ پوليس گھران گرفتار ڪري ورتو ھو. جنھن جي گرفتاري جي خلاف سنڌ جي ماڻھن توڙي سياسي ڪارڪنن سوشل ميڊيا تي مذمتي بيان پڻ جاري ڪيا ھا، ۽ احتجاج پڻ ڪيو  ھو، جيڪو رڪارڊ تي پڻ موجود آھي.ان باوجود به پوليس پنھنجو روايتي ۽ غير قانوني عمل جو ورجاءُ ڪندي ڪوڙو مقابلو ڏيکاري نوجوان کي ڄنگهه ۾ گوليون ھڻي کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جيڪو نواب شاهه جي ھڪ اسپتال ۾ علاج  هيٺ آھي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

سنڌ ۾ ٿيندڙ پوليس مقابلن جو ھڪ ڊگھو داستان آھي. جنھن ۾ ڪيئي گھر اجڙي ويا ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻھو مارجي چڪا آھن.سنڌ ۾ ٿيندڙ پوليس مقابلا ڪيتري قدر سچا ھوندا آھن؟ اھا ڳالھ ڪنھن کان به ڳجھي ناھي.ڪجھه  ھفتا اڳ ۾ ڳوٺ ماڙي جلباڻي تي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن چڙھائي ڪري چار بيگناهه ۽ معصوم ڳوٺاڻن جو بيدردي سان قتل ڪري مٿن سنگين الزام ھنيا. جيڪي من گھڙت ۽ بي بنياد ثابت ٿي چڪا آھن.

پر امن احتجاج ڪرڻ سياسي جماعتن توڙي عام ماڻھن جو جمھوري حق آھي. خبر موجب ايس ٽي پي جو احتجاج ھر حوالي سان پر امن ھو، جنھن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو انگ پڻ جھجھو ھو، پر نواب شاھ پوليس سياسي ونگار وھندي سياسي ڪارڪنن سان گڏ عورتن ۽ ٻارن کي پڻ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو،

عدالتن کان مٿاھان قتل ۽ ڪوڙن  پوليس مقابلن جي روڪٿام بيحد  ضروري آھي. ٻي صورت ۾ اھي مسئلا به گم ٿيل ماڻھن جيان ڳنڀير بڻجي ويندا ۽ دنيا اندر ملڪ جي بدنامي جو ڪارڻ بڻجندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.