لاڙڪاڻو: چانڊڪا ۾ مبينا غفلت سبب ناري جو فوت ٿيڻ کانپوءِ وڪيلن جو احتجاج، ڌرڻو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي سڏ تي وڪيلن طرفان چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل ناليواري اديب ۽ وڪيل ستار هليو جي 19 ورهين جي نياڻي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ايس ايس پي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي.

ان موقعي تي وڪيل ستار هليو پنهنجي ساٿي وڪيلن عقيل احمد ڀٽو، رفيق ابڙو، بهادر شاهاڻي، ساجد پيرزادو، آفتاب علي شاهه، اجمير ڀٽو، اسماعيل ابڙو، رئوف ڪورائي، جاويد بليدي، شڪيل احمد ڀٽو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته 12 اپريل تي منهنجي ڌيءَ امر سنڌو جي اوچتي طبيعت خراب ٿي جنهن کي مون چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو جتي، سرڪاري اسٽور تي دوائون نه هيون ۽ نه وينٽيليٽر هو جنهن جتي ڊاڪٽرن ڌيءَ کي بهتر علاج فراهم نه ڪيو ويتر ڪاوڙ ۾ اچي ڌيءَ کي لڳل ڊرپ ۽ آڪسيجن ڪڍي علاج بند ڪري ڪمري مان نڪري ٻاهر هليا ويا اهڙي دانهن مون ايم ايس ڊاڪٽر مبشر ڪولاچي کي ڏني جنهن به تدارڪ نه ڪيو جنهن کان پوءِ مون فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي پر لاڙڪاڻو پوليس ايف آءِ آر داخل نه پئي ڪري جيڪا وڏي ناانصافي آهي.

هن مطالبو ڪيو ته ڌيءَ جي علاج ۾ غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ٻئي پاسي نامياري وڪيل عقيل ڀٽو، وڪيل عمران عباسي، وڪيل ستار هليو، وڪيل رفيق ابڙو ۽ ٻين سان ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون، جتي ايڊوڪيٽ عقيل ڀٽو ۽ ٻين کيس چيو ته جاچ ڪاميٽي ۾ بار ايسوسيئشن جو صدر شامل آهي، اها ڪهڙي جاچ ڪاميٽي آهي، اسان چئون ٿا ته فوري طور تي فوت ٿيل نياڻي واري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ بعد ۾ جاچ ڪاميٽي تحقيقات ڪري، جيڪڏهن اسان غلط ثابت ٿيون ته اسان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن تي ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي وڪيل برادري کي چيو ته شام جو 5 وڳي جاچ ڪاميٽي کي ايس ايس پي لاڙڪاڻو طلب ڪيو آهي ۽ جاچ ڪاميٽي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهي آهي، توهان کي خاطري ڪرايان ٿو ته ٻن ڪلاڪن جي اندر ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي تنهن ڪري توهان پنهنجو ڌرڻو ختم ڪيو.

هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر مبشر ڪولاچي چيو ته متاثر ڌر مون وٽ نه آئي آهي، جيڪڏهن اچن ها ته مان به انڪوائري مقرر ڪريان ها، پر آئيني طور تي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن بااختيار ادارو موجود آهي ۽ ان جو شڪايتي سيل ٺهيل آهي جتي شڪايت ڪئي ويندي آهي ۽ متاثر ڌر ان اداري سان به رابطو نه ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران مقرر ٿيل جاچ کانپوءِ جيڪا اها رپورٽ ڏئي جنهن ڌر کي قصور وار ڏيندي آهي ته ان ڌر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هن ۾ اسپتال انتظاميا جو ڪو به قصور نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.